اسلام آباد – 14 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته (ن) ليگ جي ڪرائي جي ترجمانن کي عيد تي به موڪل نه ملي، اڄ به توهين عدالت جا سرٽيفڪيٽ ورهائي ر??يا آهن، توهين عدالت ج?? لفظ توهان جي واتان سٺو نه ٿو لڳي، سپريم ڪورٽ تي حملو، پاناما فيصلي تي مون کي ڇو ڪڍيو جي تحريڪ هلائي وئي، ججز ۽ انهن جي گهرڀاتين کي ڌمڪيون ڏنيون ويون، اهو چيو ويو ته ججز ۽ انهن جي گهرڀاتين تي زمين تنگ ڪري ڇڏينداسين. مريم اورنگزيب جي بيان تي پنهنجي ردعمل ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ علاج جي لاءِ ضمانت ڏني هئي، اها ئي عدالت هاڻي طلب ڪري ر??ي آهي، ڇا عدالت جو حڪم نه مڃڻ توهين عدالت نه آهي، نيب آزاد ادارو آهي، ان جو ڪم احتساب ڪرڻ آهي، نيب شهباز شريف جي خلاف 7 ارب جو ريفرن?? داخل ڪيو، نيب شهباز شريف جو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ جو چيو، ڪابينا جي ذيلي ڪميٽي جون به سفارشون آهن، قانون موجب فيصلو ٿيندو. هن چيو ته 40 سالن کان شريف فيملي ڪرپشن، ڦرلٽ، مني لانڊرنگ ۽ ٽي ٽيز جو سهارو وٺندي ر??ي، هاڻي اها کليل ڇوٽ ختم، ڦريل پئسي جو حساب ڏيڻو پوندو.
(ن) ليگ جي ڪرائي جي ترجمانن کي عيد تي به موڪل نه ملي: فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری ویب سائٹ