اسلام آباد – 17 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان وڻڪاري کي پاڪستان جي بهتر مستقبل لا??ِ اڻٽر قرار ڏيندي چيو آهي ته حڪومت ملڪ کي سرسبز ۽ شاداب بڻائڻ لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهي آهي، ڇاڪاڻ جو ماحولياتي تب??يلي پاڪستان لاءِ وڏو خطرو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن شڪر پڙيان اسلام آباد ۾ جاپاني طرز تي وڻڪاري جي منصوبي جو افتتاح ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته ??ڻڪاري رڳو هڪ مشغلو نه آهي پر اهو پاڪستان جي ايندڙ نسلن کي بهتر مستقبل ۽ صاف سٿرو ۽ صحتمند ماحول فراهم ڪرڻ لا??ِ اڻٽر قدم آهي. مياواڪي جاپاني طرز وڻڪاري آهي، جنهن تحت روايتي طريقن بدران 10 ڀيرا وڌيڪ تيزي سان ۽ 30 ڀيرا وڌيڪ گهاٽا ٻيلا پوکي سگهجن ٿا، 10 ارب وڻ پوکڻ جي منصوبي تحت اسلام آباد ۾ اهڙي طرح جي 10 جاين جي نشاندهي ڪئي وئي آهي جتي جاپاني طرز تي وڻڪاري ڪئي ويندي. وزيراعظم چيو ته ??اڪستان ماحولياتي تب??يلين سبب متاثر ٿيندڙ 10 وڏن ملڪن ۾ شامل آهي، اسان کي ماحولياتي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ فوري قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته ??اهور ۽ پشاور جهڙا ميٽرو پوليٽن شهر ڪڏهن باغيچن جا شهر سڏرائيندا هئا پر آبادين ۽ آلودگي وڌڻ جي ڪري اهي شهر ساوڪ کان محروم ٿي ??يا. هن چيو ته ??وا ۾ آلودگي جي ڪري ٻار ۽ وڏا وڌيڪ متاثر ٿي رهيا آهن ۽ سراسري عمر 11 سالن تائين گهٽ ٿي سگهي ٿي. هن چيو ته اها صورتحال ان لاءِ پيدا ٿي ته ??اهور جهڙي شهر ۾ وڻ وڍي شهر کي پٿرن جو جهنگ بڻايو ويو، ان صورتحال کي وڻڪاري ذريعي ئي تب??يل ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته اسان کي ماحول دوست زندگي اختيار ڪرڻي پوندي، وڻڪاري ۽ ماڻهن جا ذهن تب??يل ڪري اسان پنهنجي معاشري کي بهتر بڻائي سگهون ٿا، هن چيو ته ??اڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت هڪ ارب وڻ پوکڻ جو منصوبو ڪاميابي سان مڪمل ڪيو ۽ هاڻي اسان سڄي ملڪ ۾ 10 ارب وڻ پوکڻ جو به هدف حاصل ڪنداسين. وزيراعظم موسمياتي تب??يلي واري صلاحڪار ملڪ امين اسلم ۽ سندس ٽيم جي ڪم کي ساراهيو ۽ چيو ته اهي ملڪ ۾ وڻڪاري جي منصوبن کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ وڏي محنت ڪري رهيا آهن.
حڪومت ملڪ کي سرسبز ۽ شاداب بڻائڻ لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهي آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : خداؤں کی عمر