اسلام آباد – 27 جولاءِ (اي پي ??ي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي خصوصي ماڻهن جي حوالي سان سپري?? ڪورٽ جي تازي فيصلي جي آجيان ڪندي خصوصي ماڻهن جي حوالي سان مستنند دستاويز جوڙڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. سوشل ميڊيا تي پنهنجي پيغام ۾ صدر سپري?? ڪورٽ جي خصوصي ماڻهن جي حوالي سان فيصلي کي بهترين قرار ڏيندي چيو ته اهو فيصلو خصوصي ماڻهن جي حقن کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ وڏي اهميت رکندڙ آهي. صدر چيو ته خصوصي ماڻهن جي حوالي سان صحيح دستاويز ۽ انگ اکر جوڙڻ جي ضرورت آهي ته جيئن اهي معاشري ۾ پنهنجو ڪردار ڀرپور طريقي سان ادا ۽ مالي طور تي بااختيار ٿي سگهن. سپري?? ڪورٽ 14 جولاءِ کي پنهنجي فيصلي ۾ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي حڪم ڏنو آهي ته خصوصي ماڻهن کي هائوسنگ، ٽرانسپورٽ ۽ نوڪرين سميت ع??ام?? جاين تي سهولتون فراهم ڪن.
مضمون کا ماخذ : ٹمپل ٹمبل