اسلام آباد-15 ڊسمبر(اي پي پي) پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو آهي ته شروعاتي اطلاعن موجب يونان جي ڪريٽ ٻيٽ جي ڏکڻ ۾ گذريل ڏينهن ٻيڙي اونڌي ٿيڻ جي واقعي کان پوءِ بچي ويلن ۾ 47 پاڪستان پڻ شامل ??هن جڏهن ته فوت ٿي ويلن ۾ هڪ پاڪستاني جي تصديق ٿي آهي. پرڏيهي کاتي پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب هن وقت فوت يا گم ٿي ويلن پاڪستاني شهرين جي حتمي تعداد جي تصديق نه ٿي ڪري سگهجي جڏهن ته يونان ۾ پاڪستان جو سفارتخانو هيلينڪ ??وس?? گارڊ ۽ چانيا جي ??وس?? گارڊ سان رابطي ۾ آهي جيڪي سڌي ريت سرچ ۽ ريسڪيو آپريشن ۾ مصروف ??هن. پاڪستاني سفارتخاني جا عملدار پاڪستانين سان ملڻ ۽ انهن کي هر قسم جي مدد فراهم ڪرڻ لاءِ ڪريٽ پهچي ويا آهن. يونان ۾ پاڪستانين جي سهولت لاءِ پرڏيهي وزارت پنهنجي ڪرائسز مينجمنٽ يونٽ (سي ايم يو) کي فعال ڪري ورتو آهي. پرڏيهي کاتي يونان ۾ پاڪستاني شهرين ۽ انهن جي ڪٽنبن کي ٽيليفون نمبرن / اي ميل فون نمبر 0519207887 ، اي ميل cum1@ mofa.gov.pk تي رابطو ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. گم ٿي ويل پاڪستانين ج?? ڪٽنب ڄاڻايل ٽيلفون نمبر تي رابطو ڪري ان حوالي سان وڌيڪ تفصيل معلو م ڪري سگهن ٿا.
يونان جي ڏکڻ ۾ ٻيڙي ٻڏڻ جو واقعي ۾ 47 پاڪستانين کي بچايو ويو آهي،هڪ پاڪستاني جي فوت ٿيڻ جي تصديق ٿي آهي: پرڏيهي کاتو
مضمون کا ماخذ : مصر کی میراث