اسلام آباد – 05 – ڊسمبر (اي پي پي) و??ير??عظم محمد شهباز شريف عالمي دنيا پاران اسرائيل جو سخت احتساب نه ٿيڻ تي شديد ڳڻتي جو اظهار ڪندي غزه ۾ فوري ۽ غيرمشروط جنگبندي ۽ والاريل علائقن ۾ مصيبت ۾ ورتل فلسطيني عوام جي لاءِ انساني همدرديءَ جي بنياد تي امداد جي بنا روڪ فراهمي جي مطالبي جو ورجاءُ ڪيو. و??ير??عظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب و??ير??عظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان ۾ فلسطين جي سفير ڊاڪٽر ظهير محمد حمدالله زيد و??ير??عظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. فلسطيني سفير جي آجيان ڪندي و??ير??عظم فلسطيني عوام جي خودمختياري جي حق، آزادي ۽ انصاف حاصل ڪرڻ جي لاءِ انهن جي منصفاڻي جدوجهد جي لاءِ پاڪستان جي مُسلسل حمايت جو ورجاءُ ڪيو. هن معصوم فلسطينين جي خلاف اسرائيل جي نسل ڪشيءَ خاص طور تي 7 آڪٽوبر 2023ع کانپوءِ خراب ٿيندڙ صورتحال جنهن جي نتيجي ۾ 43000 کان وڌيڪ جانيون ضايع ٿيو ۽ 105000 کان وڌيڪ زخمي ٿيا، جي قدمن جي پاڪستان جي شديد مذمت جو ورجاءُ ڪيو. و??ير??عظم عالمي دنيا پاران اسرائيل جو سخت احتساب نه ٿيڻ تي شديد ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ غزه ۾ فوري ۽ غيرمشروط جنگبندي ۽ والاريل علائقن ۾ مصيبت ۾ ورتل فلسطيني عوام جي لاءِ انساني همدرديءَ جي بنياد تي امداد جي بنا روڪ فراهمي جي مطالبي جو ورجاءُ ڪيو. و??ير??عظم فلسطيني سفير کي يقين ڏياريو ته پوري پاڪستاني قوم بهادر فلسطيني عوا?? سان گڏ بيٺل آهي ۽ انهن جي هر ممڪن حمايت جاري رکندي. و??ير??عظم گڏيل قومن جي لاڳاپيل قراردادن موجب فلسطين مسئلي جي ٻه رياستي حل تي ٻڌل منصفاڻي ۽ پائيدار حل جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو جنهن جي سرحدن جو تعين 1967ع کان اڳ جي بنياد تي هجي ۽ جنهن جي گادي وارو شهر القدس هجي. سفير ڊاڪٽر ظهير محمد حمدالله زيد فلسطيني عوام جي موجوده مشڪلاتن ۾ پاڪستان جي ثابت قدم حمايت سان گڏوگڏ فلسطين مسئلي تي پاڪستان جي اصولي موقف کي ساراهيو. هن و??ير??عظم جي ذاتي قيادت ۽ فلسطين جي لاءِ حمايت سان گڏوگڏ انتهائي ضروري انساني امداد فراهم ڪرڻ ۽ فلسطيني ميڊيڪل شاگردن کي پاڪستان ۾ تعليم مڪمل ڪرڻ جي لاءِ وظيفن جي فراهمي تي ٿورا مڃ??ا. و??ير??عظم فلسطيني سفير جي پاڪستان ۾ مقرري جي حوالي سان نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ کيس هر وقت پنهنجي مڪمل تعاون جو يقين ڏياريو.
وزيراعظم پاران عالمي دنيا پاران اسرائيل جو سخت احتساب نه ٿيڻ تي شديد ڳڻتي جو اظهار
مضمون کا ماخذ : comprar raspadinha