اسلام آباد – 26 – آگسٽ (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ امام حسين عه جو چاليهو عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو، مختلف شهرن ۾ جلوس برآمد ڪيا ويا، سڄي ملڪ ۾ چاليهي جي ??وقعي تي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيل هئا. ڪربلا جي شهيدن جو چاليهو ڪالهه سومر ڏينهن 26 آگسٽ 2024ع تي سڄي ملڪ ۾ وڏي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو. ڪراچي، ح??درآباد، اسلام آباد، لاهور، پشاور، ڪوئيٽا، گلگت بلتستان سميت ملڪ جي سمورن ننڍن وڏن شهرن ۾ ماتمي جلوس برآمد ڪيا ويا.
ڪرا??ي ۾ مرڪزي جلوس خارادار مان نڪتو جڏهن ته حيدرآباد ۾ مرڪزي جلوس قدم گاهه مولا ??لي رضه تان انجمن اماميه سنڌ جي انتظام هيٺ نڪتو جيڪو روايتي رستن تان ٿيندو واپس امام بارگاهه دادن شاهه پهچي اختتام پذير ٿيو. جلوس ۾ شريڪ عزادارن ماتم ۽ زنجير زاني ڪ??ي، جڏهن ته نوحن وسيلي ڪ??بلا جي شهيدن کي پرسو ڏنو ويو. جڏهن ته ان کانسواءِ بدين، تلهار، ٽنڊو ڄام، ميرپورخاص، سکر، خيرپور، شڪارپور، لاڙڪاڻو، دادو، ڄامشورو، مٺي، عمرڪوٽ سميت سنڌ جي سمورن شهرن ۾ پڻ ذوالجناح ۽ علم پاڪ سان جلوس برآمد ڪيا ويا. ان موقعي تي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا هئا. ڪرا??ي ۾ مانيٽرنگ سيل قائم ڪيو ويو هو جڏهن ته فورسز جا ڪيترائي جوان جلوسن تي رستن تي مقرر هئا.