اسلام آباد – 08 – آگسٽ (اي پي پي) مختلف مڪتبه فڪر سان تعلق رکندڙ ناليوارين ??لم??ءِ و مشائخ جو عظيم الشان قومي ??لم??ءِ ڪنوينشن، ڪنوينشن سينٽر ۾ منعقد ٿيو جنهن ۾ معاشري مان نفرت ۽ تشدد جي خاتمي لاءِ آگاهي پيدا ڪرڻ ۾ عالمن جي اهم ڪردار جو اعتراف ڪندي عالم سڳورن ۽ مشائخ تي زور ڏنو ويو ته اهي بنيادي اسلامي قدرن ۽ اصولن موجب پروپئگنڊه، جعلي خبرن ۽ غلط معلومات جي روڪٿام ۾ فعال ڪردار ادا ڪن. تقريب جو خاص مهمان وز??راعظم محمد شهباز شريف هو جڏهن ته آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير اعزازي مهمان هو. ڪالهه خميس ڏينهن وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب پنهنجي خطاب ۾ وز??راعظم محمد شهباز شريف ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اسلام امن جو مذهب آهي ۽ امن اسلام جو بنياد آهي، اهو اسان کي گڏيل بقاءَ جو درس ڏي ٿو نه ڪي ڇڪتاڻ جو، اسان کي انهن اسلامي قدرن کي مضبوطي سان برقرار رکڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان محبت، همدرديءَ ۽ قبوليت جي اصولن تي قائم آهي. مختلف ثقافتن، مذهبن ۽ نسلن تي ٻڌل اسان جو تنوع اسان جي طاقت آهي، اچو اسان پنهنجي اختلافن جو ادراڪ ڪريون ۽ پنهنجي منفرد سڃاڻپ جو جشن ملهايون. وز??راعظم بهادر سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي پڻ خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته اسان انهن ماڻهن کي سلام پيش ڪريون ٿا جيڪي ملڪ جي لاءِ سڀ کان وڏي قرباني ڏئي قوم جي حفاظت جي لاءِ روزانو پنهنجي جانين کي خطري ۾ وجهن ٿا، اسان پنهنجي شهيدن جي قربانين جو احترام ڪريون ٿا جن ملڪ جي دفاع جي لاءِ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا آهن. وز??راعظم عالمن ۽ مشائخ تي زور ڏنو ته اهي بنيادي اسلامي قدرن ۽ اصولن موجب پروپئگنڊه، جعلي خبرن ۽ غلط معلومات جي روڪٿام ۾ فعال ڪردار ادا ڪن. هن نوجوانن کي قرآن ۽ سنت جي تفهيم ۽ ڪردارسازي سان گڏوگڏ تعليم ۽ فني مهارتن طرف رهنمائي ڪرڻ ۾ عالمن ۽ مشائخ جي ڪردار جي اهميت تي پڻ زور ڏنو. فورم متفقه طور تي ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪشميرين جي خلاف جاري ظلمن ۽ غزه ۾ جاري غيرانساني تڪرار تي گهري ڏک ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ان کي انسانيت جي خلا?? ڏوهه قرار ڏنو.
قومي علماءِ ڪنوينشن پاران معاشري مان نفرت ۽ تشدد جي خاتمي لاءِ آگاهي پيدا ڪرڻ ۾ عالمن جي اهم ڪردار جو اعتراف
مضمون کا ماخذ : لوٹوفاسیل