اسلام آباد- 12 آگسٽ (اي پي پي)قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو ??هي ته پا??ست??ن،جاپان سان گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جو خواهشمند آهي. موسمياتي تبديلي هڪ نهايت اهم عالمي مسئلو آهي، سمورن ملڪن کي گڏجي انهن چئلينجز کي منهن ڏيڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن جاپان جي مملڪتي وزير توشيڪو آبي سان ملاقات ۾ ڪيو، ان موقعي تي وزيراعظم جي موسمياتي تبديلي بابت ڪوآرڊينيٽر رومينه خورشيد عالم پڻ موجود هئي. ملاقات ۾ پاڪ جاپان ٻه طرفن لاڳاپن خاص ڪري موسمياتي تبديلي، پارليماني رابطن سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.سردار اياز صادق چيو ??ه پا??ست??ن جا جاپان سان پراڻا دوستي وارا لاڳاپا آهن. پا??ست??ن جاپان سان پنهنجن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جو خواهشمند آهي. هن چيو ??ه موسمياتي تبديلي نهايت اهم مسئلو آهي، سمورن ملڪن کي گڏجي انهن چئلينجز کي منهن ڏيڻو پوندو.هن چيو ??ه پارلياماني سفارتڪاري ذريعي ٻنهي ملڪن جي عوام کي ويجهو آڻي سگهجي ٿو. سردار اياز صادق تعليم سميت ٻين شعبن ۾ جاپان جي تعريف ڪئي. جاپاني مملڪتي وزير چيو ??ه پا??ست??ن سان لاڳاپن کي اهميت ڏيون ٿا، هن سردار اياز صادق جي جاپان لاءِ خير سگالي ۽ لاڳاپن کي وڌيڪ سگهارو ڪرڻ جي خواهش تي شڪريو ??دا ڪندي پا??ست??ن سان پنهنجن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهارو ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو.
پاڪستان،جاپان سان گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جو خواهشمند آهي: سردار اياز صادق
مضمون کا ماخذ : نتیجہ ڈوپلا سینا