اسلام آباد – 20 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ش??يف پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ مختلف شعبن خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري، ٽيڪنالاجي ۽ دفاعي شعبي ۾ پاڪستان پاران گڏيل تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار جي ??اٿي کي 5 ارب ڊالر ??ال??اني جي سطح تي آڻڻ جي لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم سان ترڪيه جي پرڏيهي وزير هاڪان فيدان ملاقات ڪئي. پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ خصوصي اهميت وارن ڀائراڻن لاڳاپن جي اهميت جو ذڪر ڪندي وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل لاڳاپن جي فروغ تي گهري اطمينان جو اظهار ڪيو. وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي مختلف شعبن خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري، ٽيڪنالاجي ۽ دفاعي شعبي ۾ پاڪستان پاران گڏيل تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ملاقات دوران وزيراعظم چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار جو ڪاٿو بهترين گڏيل لاڳاپن سان هم آهنگ نه آهي. وزيراعظم ايندڙ ٽن ??ال?? ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار جي ??اٿي کي 5 ارب ڊالر ??ال??اني جي سطح تي آڻڻ جي لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. وزيراعظم ان موقعي تي ترڪ ڪمپنين کي پاڪستان ۾ پنهنجي سيڙپڪاري کي سگهه ڏيڻ جي دعوت ڏني. هن چيو ته اسان ترڪ ڪمپنين کي پاڪستان ۾ پنهنجي صنعتن کي منتقل ڪرڻ جي لاءِ دعوت ڏئي رهيا آهيون. عالمي ۽ علائقائي حالتن خاص طور تي غزه ۾ خراب ٿيندڙ صورتحال تي پڻ ملاقات ۾ ??ال??ه ٻولهه ٿي. وزيراعظم ترڪ صدر رجب طيب اردوان جي وچ اوڀر ۾ پائيدار امن جي قيام جي لاءِ غزه ۾ مڪمل جنگبندي جي حمايت کي پڻ ساراهيو. وزيراعظم وچ اوڀر ۾ مستقل امن جي لاءِ ٻه رياستي حل جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم ترڪ صدر رجب طيب اردوان کي پاڪستان جو جلد دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني. وزيراعظم ترڪ صدر کي هائي ليول اسٽريٽجڪ ڪوآپريشن ڪائونسل جي ستين اعليٰ سطح جي اجلاس جي ??ڏيل صدارت جي دعوت جو پيغام پڻ ڏنو. ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن ٻنهي ملڪن جي قومي دلچسپي جي معاملن تي هڪ ٻئي جي ??رپور حمايت جي عزم جو اظهار ڪيو.
وزيراعظم پاران پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ واپار جي ڪاٿي کي 5 ارب ڊالر سالياني جي سطح تي آڻڻ جي لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ
مضمون کا ماخذ : پھل اور سات