اسلام آباد – 01 – جنوري (اي پي پي) ن??را?? وزيراعظم انوارالحق ??اڪ?? هدايت ڪئي آهي ته ڀاڻ جي ذخيره اندوزي ۽ ناجائز منافعي خوري ۾ ملوث عنصرن جي خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي، ڀاڻ جي ذخيره اندوزي سان آبادگارن جو استحصال ڪندڙن کي معاف نه ڪنداسين، يوريا ڀاڻ جي طلب ۽ پهچ جي سخت ن??را??ي ڪئي وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب ن??را?? وزيراعظم انوارالحق ??اڪ?? چيو ته سڄي ملڪ ۾ يوريا ڀاڻ ضرورت موجب دستياب آهي. هن هدايت ڪئي ته ڀاڻ جي ذخيره اندوزي ۽ ناجائز منافعي خوري ۾ ملوث عنصرن جي خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي، ڀاڻ جي ذخيره اندوزي سان آبادگارن جو استحصال ڪندڙن کي معاف نه ڪنداسين. ن??را?? وزيراعظم هدايت ڪئي ته سڄي ملڪ ۾ يوريا ڀاڻ جي آبادگارن تائين پهچ کي آسان بڻايو وڃي، يوريا ڀاڻ جي طلب ۽ پهچ جي سخت ن??را??ي ڪئي وڃي. ن??را?? وزيراعظم هدايت ڪئي ته لاڳاپيل وفاقي وزارتون صوبائي حڪومتن کي يوريا ڀاڻ جي پيداوار ۽ پهچ جا انگ اکر فراهم ڪري ڀاڻ جي ذخيره اندوزي ک?? روڪڻ جي لاءِ ڪاررواين ۾ معاونت کي يقيني بڻائين. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته وڌيڪ اسٽاڪ جي لاءِ 2 لک ميٽرڪ ٽن يوريا درآمد ڪئي پئي وڃي. اجلاس ۾ ناڻي واري ن??را?? وفاقي وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر، توانائي واري ن??را?? وفاقي وزير محمد علي، قومي غذائي تحفظ واري ن??را?? وفاقي وزير ڪوثر عبدالله ملڪ، واپار واري ن??را?? وفاقي وزير گوهر اعجاز، ن??را?? صوبائي وڏن وزيرن ۽ لاڳاپيل سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.
ڀاڻ جي ذخيره اندوزي ۽ ناجائز منافعي خوري ۾ ملوث عنصرن جي خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : ہرکیولس اور پیگاسس