اسلام آباد – 04 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزارت ۾ 4 کان 6 جنوري تائين سفيرن جي ٽن ڏينهن واري ڪانفرنس منعقد ٿي رهي آهي جنهن ۾ علائقائي نمائندن سان گڏوگڏ اهم گادي وارن شهرن مان پاڪستان جي سفيرن کي گهرايو ويو آهي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ڪانفرنس جي شروعات نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني جي افتتاحي خطاب سان ٿيندي. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ اهم خطاب ڪندو. ڪانفرنس ۾ پاڪستان جي پرڏيهي پا??يسي جي ٻطرفي، علائقائي ۽ عالمي رخن تي غور فڪر ۽ سفارشن کي حت??ي شڪل ڏني ويندي. سفيرن جي ڪانفرنس علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي جي ڏس ۾ پاڪستان جي پرڏيهي پا??يسي جي مختلف رخن تي تفصيلي بحث جي لاءِ گهرائي وڃي ٿي.
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا