ڪراچي – 28 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي خصوصي ٻارن کي تعليم ۽ هنر فراهم ڪرڻ جي لاءِ خصوصي قدمن جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته خ??وصي صل??حي??ون رکندڙ رانديگر راند جي ميدان وانگر زندگي جي ٻين شعبن ۾ به جذبي ۽ لگن سان ڪم ??ن. ??هڙن خيالن جو اظهار اسپيشل اولمپڪس پاڪستان جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن صدر ۽ خاتون اول سان ملاقات ڪئي. صدر ۽ خاتون اول خصوصي صل??حي??ون رکندڙ ايٿليٽس کي برلن ۾ اسپيشل اولمپڪس ۾ حصو وٺڻ تي مبارڪباد ڏني. صدر چيو ته خ??وصي صل??حي??ون رکندڙ رانديگرن اسپيشل گيمز ۾ 80 کان تمغا کٽي ڳاٽ فخر سان بلند ڪيو. هن چيو ته خ??وصي ٻار معاشري جا اهم ميمبر آهن، انهن کي ضروري هنر ۽ خصوصي تعليم ڏني وڃي. صدر چيو ته خ??وصي ٻارن کي ٻين ٻارن سان گڏ اسڪولن ۾ تعليم ڏيڻ جي لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو، ٺوس تعليم سان معاشري ۾ خصوصي ماڻهن جي ضرورتن بابت آگاهي وڌندي. هن وڌيڪ چيو ته ٻارن کي خصوصي ضرورتون رکندڙ ٻارن جي حقن بابت تعليم ڏيڻ جي ضرورت آهي، مصنوعي ذهانت ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي سان خصوصي ماڻهو مدد حاصل ڪري سگهن ٿا.
صدر پاران خصوصي ٻارن کي تعليم ۽ هنر فراهم ڪرڻ جي لاءِ خصوصي قدمن جي ضرورت تي زور
مضمون کا ماخذ : فنکی پھل