اسلام آباد – 05 – ڊسمبر (اي پي پي) وزي??اع??م محمد شهباز شريف معاشري ۾ عدم برداشت جي خاتمي ۽ ڀائيچاري جي فروغ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آهي ??ه پاڪستان جي ترقي جي لاءِ م??هب?? رواداري ۽ پرامن گڏيل بقاءَ جي اصولن جي ترويج تمام ضروري آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن دائودي بوهرا برادري جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن هتي دائودي بوهرا ڪميونٽي جي روحاني پيشوا ڊاڪٽر سيدنا مفدل سيف الدين جي نمائندي ڪوميل يونس جي سربراهي ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وزي??اع??م چيو ته دائودي بوهرا برادري جي پاڪستان جي لاءِ تمام گهڻيون خدمتون آهن، دائودي بوهرا برادري هڪ پرامن جماعت آهي ۽ ان جا فلاحي جا ڪم متاثر ڪندڙ آهن. وزي??اع??م چيو ته م??هب?? رواداري ۽ برداشت پاڪستان جي باني قائداعظم جا اهي پراڻا اصول هئا جيڪي پاڪستان جي بنياد جو حصو آهن ۽ پاڪستان جي موجوده پرڏيهي پاليسي انهن جي ئي مظهر آهي. هن چيو ته معاشري ۾ موجود عدم برداشت جي خاتمي ۽ ڀائيچاري جي فروغ لاءِ اسان سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. وزي??اع??م پاڪستان ۾ م??هب?? هم آهنگي جي فروغ ۽ ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ تي بوهرا برادري جي ڪردار کي ساراهيو. هن دائودي بوهرا برادري کي ٻوڏ م??اثرين جي مدد ۾ وڌي چڙهي ??صو وٺڻ جي دعوت ڏني. ان موقعي تي وفد وزي??اع??م کي پنهنجي سمورن منصوبن ۾ سولر توانائي جي استعمال بابت ٻڌايو جنهن جي صلاحيت 6 ميگاواٽ آهي، وزي??اع??م انهن جي ان قدم کي ساراهيو.
پاڪستان جي ترقي جي لاءِ مذهبي رواداري ۽ پرامن گڏيل بقاءَ جي اصولن جي ترويج تمام ضروري آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : اسٹریٹیجیا لاٹوفاسیل