اسلام آباد– 25 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس چيو آهي ته ڀارت غلط بيانين ۽ بدنيتي ??ي ٻڌل پروپئگنڊه ذريعي ??اڪ??تان کي نشانو بڻائڻ جي لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي پنهنجي غيرمستقل ميمبرشپ جو غلط استعمال جاري رکيو آهي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ هفتيوار پريس بريفنگ دوران چيو ته ڀارت جو غيرذميواراڻو رويو ان ڳالهه جي تصديق ڪري ٿو ته هو سلامتي ڪائونسو جو مستقل ميمبر بڻجڻ جي اهليت نه ٿو رکي، ڀارت کي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين ۽ منظم خلاف ورزين کي بند ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ??اڪ??تان گذريل ڏينهن سلامتي ڪائونسل جي بريفنگ ۾ ??اڪ??تان جي خلاف ڀارت جي غيرضروري ريمارڪس کي سختي ??ان رد ڪيو آهي، بدقسمتي ??ان ڀارت غلط بيانين ۽ بدنيتي ??ي ٻڌل پروپئگنڊه جي ذريعي ??اڪ??تان کي نشانو بڻائڻ جي لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي پنهنجي غيرمستقل ميمبرشپ ۽ 1373 ڪائونٽر ٽيررازم ڪميٽي (سي ٽي سي) جي چيئر جو غلط استعمال جاري رکيو آهي. سلامتي ڪائونسل ۾ ڀارت جو غيرمستقل ميمبر طور غيرذميواراڻو رويو ان ڳالهه جي تصديق ڪري ٿو ته هو سلامتي ڪائونسل جو مستقل ميمبر بڻجڻ جي اهليت نه ٿو رکي. ترجمان چيو ته ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال ۾ ڪا بهتري نه ڏٺي وئي آهي ڇو ته اهو اڃا تائين فوجي گهيراءُ ۾ آهي ۽ اتي ڀارتي ??لم ۽ ڏاڍ جاري اهي. عدالت کان مٿانهين قتل جو سلسلو جاري رکندي گذريل هفتي ڀارتي قابض فوج والاريل ڪشمير جي اسلام آباد ۽ شوپيان ضلعن ۾ ٻن ڪشميري نوجوانن کي جعلي مقابلن ۾ سهيد ڪري ڇڏيو. ڀارتي قابض فوج به بيگناهه نوجوانن کي پنهنجي حراست ۾ وٺ?? قتل ڪرڻ ۾ مصروف آهي، اها صورتحال ??اڪ??تان جي لاءِ انتهائي ڳڻتي ??وڳي آهي. ترجمان چيو ته اسان کي ڪشميري سياسي قيدين بشمول حريت ڪانفرنس جي اڳواڻن ۽ انساني حقن جي محافظن بابت پڻ گهري ڳڻتي ??هي. اهو ضروري اهي ته انهن جي حقن جو تحفظ ڪيو وڃي ۽ انهن کي فوري آزاد ڪيو وڃي. هن چيو ته ايمنسٽي انٽرنيشنل ۽ هيومن رائيٽس واچ سميت انساني حقن جي 12 عالمي تنظيمن گڏيل طور تي ??نساني حقن جي اڳواڻ خرم پرويز جي فوري ۽ غيرمشروط آزادي ??ي لاءِ آواز اٿاريو آهي جيڪو هن وقت نئين دهلي جي بدنام زمانه تهاڙ جيل ۾ قيد آهي. هن چيو ته ڀارت کي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جون پنهنجون سنگين ۽ منظم خلاف ورزيون بند ڪرڻ گهرجن، 5 آگسٽ 2019ع جي پنهنجي غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدمن کي منسوخ ۽ ڪشميري حريت اڳواڻن سميت سمورن سياسي قيدين کي آزاد ڪرڻ گهرجي.
ڀارت غلط بيانين ۽ بدنيتي تي ٻڌل پروپئگنڊه ذريعي پاڪستان کي نشانو بڻائڻ جي لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي پنهنجي غيرمستقل ميمبرشپ جو غلط استعمال جاري رکيو آهي: پرڏيهي آفيس
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے نمبر