خضدار – 17 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان نيشنل پارٽي (مينگل) جي سربراهه سردار اختر جان مينگل سان سندس چاچي ??ي لاڏاڻي تي تعزيت ۽ فاتحه خواني ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف خضدار جي علا??قي وڍ ۾ سردار اختر جان مينگل جي رهائشگاهه تي ويو ۽ سندس چاچي سردار زاده مهرالله مينگل ??ي لاڏاڻي تي تعزيت ڪ??ي. ان موقعي تي وفاقي وزير آغا حسن بلوچ، اعليٰ سرڪاري عملدارن ۽ اڳواڻ به موجود هئا.
مضمون کا ماخذ : راکی