اسلام آباد-10 آڪٽوبر (اي پي پي) نيشنل ڊزاسٽر مينيجمنٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل اختر نواز نيشنل ڪوآرڊينيٽر اين ??يف آر سي سي ميجر جنرل ظفر اقبال جي صدارت هيٺ نيشنل فلڊ رسپانس اينڊ ڪو آرڊينيشن سينٽر (اين ??يف آر سي سي) جو خاص اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس دوران فورم کي ٻوڏ متاثر ??رعي ايراضي بابت آگاهه ڪيو ويو. صوبائي سي??ري??ريز زراعت پنهنجي صوبن بابت پلان پيش ڪيو جنهن تي فيصلو ڪيو ويو ته ڪڻڪ جو 50 سيڪڙو ٻج وفاقي حڪومت اسپانسر ڪندي جڏهن ته باقي صوبن طرفان فراهم ڪيا ويندا. سڀني ضلعن جي ٻج تقسيم ڪندڙ ڪميٽي ضلعي انتظاميا، وفاق ۽ اين ڊي ايم اي جي عملدارن تي ٻڌل هوندي. فورم کي سي??ري??ري خوراڪ ٻج جي خريداري ۽ ان جي تقسيم بابت آگاهه ڪيو. فورم ک?? ماڊل وليجز بابت ٻڌايو ويو جتي گهرن سان گڏ مسجد، بنيادي صحت جي يونٽ ۽ ٻين سهولتن جي فراهمي ٿيندي. فورم ک?? ماڊل هائوسز جي رهائشي يونٽ جي لي آئوٽ آپشنز ۽ لائيو اسٽاڪ لاءِ جاءِ تي به اتفاق ڪيو ويو.
ٻوڏ متاثر علائقن ۾ 50 سيڪڙو ٻج وفاق ۽ 50 سيڪڙو صوبا فراهم ڪندا: اين ايف آر سي سي
مضمون کا ماخذ : نتیجہ میگا سینا