نيويارڪ – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف سان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي موقعي تي آسٽريا جي وفاقي چانسلر ڪارل نيهمر ملاقات ڪئي آهي. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات دوران ٻطرفن لاڳاپن ۽ مختلف شعبن ۾ گڏيل تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي پرڏيهي وز??ر بلاول ڀٽو زرداري، ناڻي وارو وفاقي وز??ر مفتاح اسماعيل، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وز??ر مريم اورنگزيب، پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وز??ر حنا رباني کر ۽ وز??راعظم جو خاص معاون طارق فاطمي پڻ موجود هو.
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے اعداد و شمار