غذر – 02 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف گلگت بلتستان جي علائقي بوبر، غذر جو دورو ڪيو ۽ ب??سات ۽ ٻوڏ کان متاثر ماڻهن سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم کي غذر ۾ برساتن ۽ بوڏ سبب ٿيندڙ نقصانن ۽ امدادي ڪاررواين تي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته هتي 17 ماڻهو فوت ٿيا، 249 گهر تباهه ??يا جڏهن ته 794 چومايو مال مري ويو آهي ان سان گڏ وسيع زرعي زمين ۽ ب??غن کي به نقصان پهتو آهي. ان موقعي تي اڳوڻو وڏو وزير حافظ حفيظ الرحمان، وزيراعظم جو ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن وارو صلاحڪ??ر قمر زمان ڪائره پڻ وزيراعظم سان گڏ هئا.
مضمون کا ماخذ : اسلام آباد لاٹری