اسلام آباد – 21 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات جي وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪستان معصوم ۽ هٿين خالي فلسطيني عوام تي اسرائيلي جارحيت جي تدارڪ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو جن ٻن هفتن کان بهادري سان اسرائيلي قابض فوج جي بنا اشتعال بمباري ۽ گولاباري کي مسلسل منهن ڏنو. وزيراعظم جي اپيل تي سڄي ملڪ ۾ ملهايل فلسطين سان يڪجهتي واري ڏينهن جي موقعي تي غير ملڪي ميڊيا سان ڳالهائيندي اطلاعات ۽ نشريات جي وفاقي وزير چيو ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي خصوصي اجلاس ۾ پاڪستان موثر انداز ۾ هڪ مضبوط موقف اختيار ڪيو، دوست ملڪن جي حمايت حاصل ڪئي ۽ فلسطي??ن جي حالت تي حقيقي جذبن جو اظهار ڪيو، هن چيو ته ان ڪوششن جا گهربل نتيجا حماس ۽ اسرائيل جي وچ ۾ سيز فائز جي صورت ۾ سامهون آيا آهن، جيڪي فلسطين جي عوام جي مشڪلاتن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ پاڪستا?? ۽ ??ن جي دوست ملڪن جي هڪ وڏي ڪاميابي آهي، هن چيو ته اسرائيلي فوج جي جارحيت تي پاڪستان جو رد عمل واضح هو جيڪو فوري طور تي عالمي برادري تي پهتو، جنهن ۾ زور ڏنو ويو ته فلسطي??ن جي نسل ڪشي روڪڻ لاءِ ڪردار ادا ڪيو وڃي، ڇڪتاڻ ختم ڪرڻ لاءِ حڪومتي ڪوششن جو ذڪر ڪندي هن چيو ته وزيراعظم عمران خان سعودي عرب ?? اسلامي تعاون تنظيم جي سيڪريٽري جنرل سان ملاقات ڪئي، سعودي فرمانروا ۽ فلسطي?? ۽ ??رڪي جي صدرن سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو. هن چيو ته پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي به فلسطين جي صورتحال تي سعودي عرب، مصر، فلسطين، ترڪي، افغانستان، چين، آمريڪا ۽ سوڊان جي پنهنجي هم منصبن سان رابطو ڪيو، چوڌري فواد حسين چيو ته پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن جي هنگامي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي ۽ فلسطين جو معاملو پيش ڪيو جنهن ۾ اسرائيل جي وحشياڻن حملن ۽ منظوم ڏوهن جي مذمت لاءِ سخت بيان جاري ڪيو، وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي قومي اسيمبلي اسرائيلي بربريت جي خلاف هڪ متفقه قرارداد منظور ڪئي جنهن ۾ فلسطي??ن جي ڪاز ۽ ان جي عوام جي جدوجهد جي حمايت جو اظهار ڪيو، هن چيو ته معصوم فلسطينن تي اسرائيلي جارحيت ۽ خاص طور تي رمضان دوران دنيا ۾ مسلما??ن جي مقدس مقام مسجد الاقصيٰ جو گهيراءُ انتهائي مذمت جوڳو آهي، هن چيو ته اسرائيل پاران فلسطيني ٻار?? ۽ ??ورتن کي شهيد ڪرڻ تي افسوس آهي، هن چيو ته اهڙا حملا انساني قدرن، انساني حق?? ۽ ??المي قانو??ن جي خلاف آهن.
پاڪستان معصوم ۽ هٿين خالي فلسطيني عوام تي اسرائيلي جارحيت جي تدارڪ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کے اعدادوشمار