اسلام آباد – 09 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمر??ن خان ڪوئيٽا جو دورو ڪيو ۽ مچ سانحي جي شهيدن جي پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي بلوچستان جو وڏو وزير ڄام ڪمال خان، سامونڊي معاملن وارو وفاقي وزير علي حيدر زيدي ۽ وزيراعظم جو سمنڊ پار پاڪستانين وارو خاص معاون سيد ذوالفقار عباس بخاري پڻ موجود هو. مچ سانحي جي شهيدن جي پونئيرن وزيراعظم عمر??ن خان کي پنه??جي مشڪلاتن کان آگاهه ڪيو ۽ پنه??جي شهيد ٿيندڙ گهرڀاتين بابت کيس ٻڌايو. وزيراعظم عمر??ن خان انهن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته هو هزاره برادري جي مسئلن کان چڱي ريت آگاهه آهي ۽ انهن سان ڪيل واعدا پورا ڪندو.
مضمون کا ماخذ : علاقائی کلیدی الفاظ