اسلام آباد – 04 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي پيٽروليم بابت خاص مددگار نديم بابر قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ قانونسازي، ملڪ جي مجموعي معاشي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي خيالن جي ??ي وٺ ڪ??ي وئي، ان موقعي ت?? ڳالهائيندي اسپيڪر اسد قيصر چيو ته ملڪي ترقي جو راز پارليامينٽ جي مضبوطي ۾ لڪل آهي، پارليامينٽ عوام جو نمائنده ادارو آهي ۽ ملڪي مسئلن جي حل جي لاءِ اهڙيون پاليسيون جوڙي سگهي ٿو جيڪي ملڪ ۽ قوم جي وسيع تر مفاد ۾ هجن. هن چيو ته قومي اسيمبلي ۾ س??وريون سياسي پارٽيون قومي اهميت جي معاملن تي هڪجهڙو موقف رکن ٿيون. هن چيو ته ان کي سدائين ڪوشش رهي آهي ت?? ايوان جي اندر موجود سمورين سياسي پارٽين کي ايوان ۾ خيالن جي اظهار جو برابر موقعو فراهم ڪ??و وڃي ۽ سمورن معاملن کي افهام تفهيم سان حل ڪ??و وڃي، هن چيو ته 13 آگسٽ 2020ع تي پڄاڻي ت?? پهچندڙ پارلياماني سال جي دوران قومي اسيمبلي جي ??ارڪردگي انتهائي شاندار رهي، ڪورونا وبا جي باوجود قومي اسيمبلي جو اجلاس جاري رهيو ۽ عوامي ڀلائي بابت قانونسازي عمل ۾ آندي وئي، اسپيڪر ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته مستقبل ۾ ايوان ۾ موجود سياسي پارٽيون سياسي وابستگين کان مٿانهون ٿي ڪري قومي مفاد رکندڙ معاملن تي يڪجهتي جو مظاهرو ڪنديون.
نديم بابر جي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپلی کیشنز کے فوائد