اسلام آباد – 12 جنوري (??ي پي پي) و??ير??عظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته پ??ڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جو ايران ۽ سعودي عرب جو دورو اختلافن جي پرامن حل ۽ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي جي لاءِ سفارتي محاذ تي پاڪستان جي مخلصاڻي ڪوششن جو واضح ثبوت آهي، هي دورو علائقائي امن ۽ استحڪام کي سگهه ڏيندو. سماجي ??اب??ن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته مسلمان امت ۽ خطي ۾ امن جي مفاد لاءِ متحرڪ ڪردار ادا ڪرڻ پاڪستان جي لاءِ اعزاز آهي، جنهن کي اسلامي ملڪ ۽ اولهه دنيا ساراهي رهي آهي، و??ير??عظم عمران خان جي قيادت ۾ نيئن پاڪستان جو اهو روشن ڪردار آهي ۽ ان جي عالمي تشخص کي تبديل ڪري رهيو آهي.
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا وفاقی