اسلام آباد – 10 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم جي ناڻي واري صلاحڪار مفتاح اسماعيل جي صدارت ۾ ملڪ ۾ فلمي صنعت جي بحالي لاءِ تجويزن جو جائزو وٺ?? جي لاءِ اجلاس ٿيو. اطلاعات، نشريات، قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري م??لڪتي وزير مريم اورنگزيب اجلاس ۾ فلمي صنعت جي بهتري لاءِ موجوده حڪومت پاران کنيل مختلف قدمن ۽ ان مقصد جي لاءِ گهربل فنڊن بابت پڻ آگاهه ڪيو. هن چيو ته موجوده حڪومت فلمي صنعت جي بحالي کي اهميت ڏني ۽ فلم ذريعي م??ڪ جو مثبت تشخص ۽ حقيقي ثقافتي سڃاڻپ کي اجاگر ڪرڻ تي ڌيان ڏنو. هن چيو ته فلم ذريعي نه رڳو ملڪ جي وسيع ثقافتي تشخص کي اجاگر ڪري سگهجي ٿو پر دنيا جي ٻين ملڪن وانگر قومي معيشت ۾ پڻ فلمي صنعت اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي.
مضمون کا ماخذ : گنہر نا لوٹیریا