گڏيل قومون -31 جولاءِ (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري ج??رل جي آفيس لبنان جي گادي واري هنڌ بيروت ۾ اسرائيلي حملي تي سخت ڳڻتي جو ??ظهار ڪندي چيو آهي، ته گڏيل قومون سڀني ڌرين کان وڌ کان وڌ تحمل جو مظاهرو ڪرڻ تي زور ڀرين ٿيون. تاس موجب گڏيل قومن جي سيڪريٽري ج??رل جي آفيس گذريل ڏينهن بيان م چيو ته اسان کي 30 جولاءِ جي شام جو ??يروت جي اولهه پاسي جي ڳتيل آبادي وار?? علائقن تي اسرائيلي فوج جي حملن تي سخت ڳڻتي آهي. جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي شهري مارجي ويا آهن. بيان ۾ چيو ويو ته اسان هڪ ڀيرو ٻيهر ڌرين تي زور ڀريون ٿا ته هو وڌ کان وڌ تحمل جو مظاهرو ڪن ۽ سڀني لاڳاپيل ماڻهن جو وڌيڪ ڇڪتاڻ کان بچڻ جو مطالبو ڪيون ٿا. گڏيل قومن سڀني ڌرين کان عالمي قانون تحت پنهنجون ذميواريون پورون ڪرڻ تي به زور ڀريو. ??اض?? رهي ته اسرائيلي فوج 30 جولاءِ تي بيروت جي پسگردائي واري علائقي داحيه تي 4 ميزائل فائر ڪيا هئا جنهن سان 4 ماڙ عمارت ۽ ٻين ڪيترين ئي پاسي اوسي وارين جاين ۽ گاڏين کي به نقصان پهتو هو.
گڏيل قومن پاران بيروت ۾ اسرائيلي حملي تي سخت ڳڻتي جو اظهار
مضمون کا ماخذ : سپرمین: فلم