اسلام آباد – 03 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي ناڻي ۽ اوڳاڙين واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ چيو آهي ته عالمي ادارا معيشت جي استحڪام لاءِ حڪومتي ق??من ۽ پاليسين کي ساراهي رهيا آهن، ماضي وانگر ٻيهر آءِ ايم ايف وٽ نه وينداسين، حڪومت ميرٽ جي بنياد تي فيصلا ۽ قدم کنيا آهن، ادارن کي مضبوط بڻايو پيو وڃي اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان کي خودمختياري ڏني وئي آهي، گذريل 5 مهينن ۾ اقتصادي محاذ تي اهم ڪاميابي ملي آهي، هلندڙ مهيني ۾ روانگي واپار ۾ 10 سيڪڙو اضافو ٿيو، ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ 35 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي، مالياتي خساري تي ضابطو آندو ويو، مالياتي خساري تي نه رڳو ضابطو آندو ويو پر وياج جي ادائيگي کي ڪڍيو وڃي ته اهو سرپلس ?? اچي وڃي ٿو، ايڪسچينج ريٽ ۾ استحڪام اچي ويو آهي. اقتصادي معاملن واري وزير حماد اظهر ۽ ايف بي آر چيئرمين شبر زيدي سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وزيراعظم جي ناڻي ۽ اوڳاڙين واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ چيو ت?? گذريل 5 مهينن ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ 35 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي.
عالمي ادارا حڪومتي قدمن ۽ پاليسين کي ساراهي رهيا آهن: عبدالحفيظ شيخ
مضمون کا ماخذ : loteria instantânea