گڏيل ??ومون-15 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ڪشمير تي ڀارتي قبضي کي ڪالونائيزيشن جو بدترين مظهر قرار ڏي??دي ڪشميري عوام جي امنگن مطابق ڄمون ڪشمير تڪرار کي حل ڪرڻ لاءِ زور ڀريو آهي. گڏيل ??ومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائ??دي منير اڪرم جنرل اسيمبلي جي خاص سياسي ۽ ڊي ڪالونائيزيشن (فورٿ) ڪميٽي ۾ ڳالهائي??دي چيو ته گڏيل ??ومون ۽ ان جا سمورا ميمبر ملڪ گڏيل ??ومن جي چارٽر جا پابند آهن ته هو گڏيل ??ومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن مطابق ڄمون ڪشمير تڪرار جي پرامن حل کي هٿي ڏين. هن چيو ته 1946ع کان هن وقت تائين 80 اڳوڻين ڪالونين آزادي حاصل ڪئي آهي، هن چيو ته هاڻي به ڪجهه قومون آهن جيڪي خوداراديت واري حق کان محروم آهن، انهن ۾ والاريل ڄمون ڪشمير ۽ فلسطين جو عوام شامل آهي. ان نقطئه نظر کان هن وچ اوڀر ۾ امن جي قيام لاءِ ٻه رياستي حل جي وڪالت ڪ??دي چيو ته پاڪستان فلسطيني عوام خلاف نسل ڪشي جي جنگ ۽ لبنان خلاف اسرائيل جي جارحيت جي سخت مذمت ڪري ٿو. پاڪستاني سفير چيو ته اسرائيل جي قتل عام ۽ ڏاڍ سان فلسطيني عوام جي آزادي ۽ خوداراديت واري حق جي جدوجهد کي خت?? نٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته اهڙي ريت غيرقانوني طور تي ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير تي ڀارتي قبضو جديد دور جي ڪالونائيزيشن جو هڪ بدترين مظهر آهي. هن چيو ته ڪشميري عوام جي خوداراديت واري حق کي گڏيل ??ومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهراءَ (1948) 47 ۽ ان کان پوءِ ڪيل ??هرائن ۾ واضح طور تسليم ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي، ته گڏيل ??ومن جي آزاداڻي ۽ منصفاڻي راءِ شماري جي انتظام هيٺ ڄمون ڪشمير جي حتمي اختيار جو فيصلو ان جي عوام ذريعي ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته انهن ٺهرائن کي ڀارت ۽ پاڪستان ٻنهي قبول ڪيو آهي. هن چيو ته گڏيل ??ومن جي چارٽر جي آرٽيڪل 25 تحت ٻئي ڌريون انهن ٺهرائن تي عملدرآمد ڪرڻ جون پابند آهن. هن چيو ته 5 آگسٽ 2019ع کان ڀارت والاريل ڄمون ڪشمير کي ضم ڪرڻ لاءِ هڪ طرفا ۽ غيرقانوني قدم کنيا آهن ۽ انهن قدمن کي ڀارتي اڳواڻن حتمي حل قرار ڏنو آهي. سفير منير اڪرم چيو ته سلامتي ڪائونسل جي ٺهراءَ (1957) 122 ۾ چيو ويو آهي ته پوري رياست يا ان جي ڪنهن به حصي جي مستقبل جي شڪل ۽ وابستگي جو تعين ڪرڻ لاءِ هڪ طرفا قدم رياست جو اختيار نه هوندا. هن چيو ته ان جي نتيجي ۾ 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت رفان ڪيل سمورا هڪ طرفا قدم نه رڳو غيرقانوني آهن پر ڪالعدم به آهن. هن ان ڳالهه تي زور ڏي??دي چيو ته ڏکڻ ايشيا ۾ جٽادار امن لاءِ ڄمون ڪشمير جي تڪرار جو حل ضروري آهي.
ڪشمير تي ڀارتي قبضو ڪالونائيزيشن جو بدترين مظهر آهي: منير اڪرم
مضمون کا ماخذ : نتیجہ بہت زیادہ