گڏيل قو??ون-12 سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قو??ن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم جنرل اسيمبلي جي نئين صدر ۽ ڪيمرون جي اڳوڻي وزيراعظم فلي??ون يانگ سان نيويارڪ ۾ گڏيل قو??ن جي هيڊڪوارٽر ۾ ملاقات ڪئي ۽ جنرل اسيمبلي جي 79 هين اجلاس جي ايجنڊا تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ کيس پاڪستان جي تعاون جي خاطري ڪر??ئي. پاڪستاني مشن طرفان جاري پريس رليز ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستاني نمائندي فلي??ون يانگ کي گڏيل قو??ن جي جنرل اسيمبلي جي موجوده سيشن جي صدارت سنڀالڻ تي مبارڪون ڏنيون. منير اڪرم گذريل ڏينهن ملاقات دوران دنيا کي درپيش ڪيترن ئي سنگين بحرانن جي وچ ۾ پائيدار اقتصادي ترقي، امن ۽ ??لا??تي ۽ انساني وقار تي صدر يو اين جي اي جي ڌيان جي آجيان ڪئي. هن پاڪستان طرفان اميد ظاهر ڪئي ته گڏيل قو??ن سندس دانشمنداڻي قيادت ۾ عالمي چئلينجز کي منهن ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿيندو. جنرل اسيمبلي جي صدر نيڪ خواهشن تي پاڪستاني نمائندي جو ٿورو مڃيو. هن ايڪس تي هڪ پوسٽ ۾ چيو ته هو گڏيل قو??ن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم سان ملاقات، يو اين جي اي جي آئنده ٿيندڙ 79 هين اجلاس جي ايجنڊا ۽ ان جي ڪم تي حمايت جي واکاڻ ڪري ٿو.
پاڪستاني نمائندي منير اڪرم جي جنرل اسيمبلي جي نئين صدر سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا جیک پاٹ