رياض-27 آگسٽ (اي پي پي )سعودي عرب ۾ آمريڪي سفير مائيڪل رتني چيو آهي ته مملڪت سان تاريخ ساز معاهدي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون. پرڏيهي خابرو اداري موجب هن هڪ ڏنل انٽرويو ۾ چيو ته سعودي عرب ۽ آمريڪا ڪي??رن ئي معاهدن تي گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن جن ۾ اسٽريٽجڪ شراڪتداري ۽ فوجي معاهدن کي مضبوط ڪرڻ سان گڏوگڏ سعودي عرب ۽ اسرائيل وچ ۾ ناتن کي معمول تي آڻڻ ۽ اقتصادي ناتن کي هٿي ڏيڻ شامل آهي، جيڪي آزاد فلسطيني رياست لاءِ هڪ قابل اعتماد راهه طرف وٺي ويندا. آمريڪي سفير چيو ته اسان ان معاهدي جي ڪي??رن ئي اهم نقطن جي انتهائي ويجهو اچي چڪا آهيون ۽ اهو ضروري آهي ته اسان ان کي گڏجي حتمي شڪل ڏيون، اهو آمريڪا ۽ سعودي عرب وچ ۾ هڪ تاريخ ساز معاهدو هوندو. جيتوڻيڪ مائيڪل رتني معاهدن جي پيڪيج کي قطعي شڪل ڏيڻ لاءِ ڪنهن مخصوص ٽائيم فريم جو ذڪر ن??هي ڪيو، پر هن ان جي ??لد پڄاڻي جي خواهش جو اظهار ??يو . آمريڪي سفير چيو ته اسان ه?? پيچيده خطي ۾ آهيون ۽ معاهدي ۾ به ڪيتريون ئي پيچيدگيون آهن پر اسان ??لد ان کي مڪمل ڪنداسين.
سعودي عرب سان تاريخ ساز معاهدي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون: آمريڪا
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپلی کیشنز کے فوائد