پيانگ يانگ _ 27 جون (اي پي پي ) اتر ڪوريا چيو آهي ته ان ملٽي پل ??ار هيڊ ميزائل جو ڪامياب تجربو ڪيو آهي . اي ايف پي اتر ڪوريا جي سرڪاري خابرو ايجنسي جي سي اين اي جي حوالي سان ٻڌايو ته اتر ڪوريا گذريل ڏينهن پنهنجي ڪيترن ??ار هيڊز ميزائلن جي صلاحيت جو ڪامياب تجربو ڪيو. جنهن ۾ موبائل سان ??ار هيڊز جي عليحدگي ۽ گائيڊنس ڪنٽرول ٽيسٽ کي ڪاميابي سان منعقد ڪيو ويو. ڪي سي اين رپورٽ ڪيو ته تجربي دوران ميزائل کان جدا ٿيندڙ نقلي موبائل ??ار هيڊز ٽن مقرر حدفن تائين پهچڻ ۾ ڪامياب رهي. اتر ڪوريا جي اختيارين مطابق تجربي جو مقصد ايم آئي آر وي جي صلاحيت کي محفوظ بڻائڻ آهي. ڪي سي اين اي مطابق اهو تجربو 200-170 ڪلو ميٽر جي دائري ۾ وچولي فاصلي تائين مار ڪندڙ ٺوس ٻارڻ واري بيلسٽڪ ميزائل جي پهرين مرحلي جي انجڻ جو استعمال ڪندي ڪيو آهي .
مضمون کا ماخذ : jogos de azar no Brasil