اسلام آباد – 10 – سيپٽمبر (اي پي پي) نائب و??ير??عظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته اڄ اسان پاڪستان جي ف??رن سروس جي هڪ ايماندار آفيسر کي الوداع ڪريون ٿا، عهدو ڇڏيندڙ پرڏي??ي سيڪريٽري محمد سائرس سجاد قاضي گذريل 34 سالن ۾ پاڪستان جي وڏي امتيازي خدمت ڪئي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پرڏيهي آفيس ۾ پرڏي??ي سيڪريٽري جي اعزاز ۾ الوداعي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستان جي لاءِ سندس نمايان خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا، ٽن ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي ۾ هو پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو محور رهيو ۽ هن عالمي سفارتڪاري جي پيچيدگين کي عزم ۽ ديانتداري سان نڀايو. نائب و??ير??عظم چيو ته بطور پرڏي??ي سيڪريٽري ۽ ان کان اڳ ترڪيءَ ۽ هنگري ۾ پاڪستان جي سفير طور هن پاڪستان جي پرڏيهي لاڳاپن کي ف??وغ ڏيڻ ۽ سڄي دنيا جي ملڪن سان حصيداري کي ف??وغ ڏيڻ ۾ پنهنجي سڃاڻپ ٺاهي. هن سڄي دنيا ۾ پاڪستان جي سفارتي مصروفيتن جي جوڙجڪ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته اعليٰ سطحي ملاقاتن دوران هو پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جي ترجيحن ۽ قومي مفاد جي گهري ادراڪ سان واڳيل پنهنجي گهري بصيرت سان نمايان رهيو. نائب و??ير??عظم چيو ته اسان گذريل ڪيترن ئي مهينن کان گڏجي ڪم ڪيو، مون کيس هڪ ذهين ۽ پاڪستان جي خدمت جي لاءِ مضبوط عزم سان هڪ شاندار شخص ڏٺو، سندس سڀ کان ساراهه جوڳي خصوصيتن ۾ هڪ جيڪا نمايان آهي اها سندس اڻٿڪ ايمانداري آهي. هن عهدو ڇڏيندڙ پرڏي??ي سيڪريٽري جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ??يو ۽ چيو ته اسان توهان کي ياد ڪنداسين ۽ توهان جي تعاون جي سدائين تعريف ۽ قدر ڪئي ويندي.
اڄ اسان پاڪستان جي فارن سروس جي هڪ ايماندار آفيسر کي الوداع ڪريون ٿا، عهدو ڇڏيندڙ پرڏيهي سيڪريٽري محمد سائرس سجاد قاضي گذريل 34 سالن ۾ پاڪستان جي وڏي امتيازي خدمت ڪئي آهي: نائب وزيراعظم اسحاق ڊار
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز لاٹری