اسلام آباد – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آ??ف علي زرداري چيو آهي ته دهشتگردي جي فتني کي پاڙ کان پٽڻ جي ??اء?? آخري دم تائين ڪوششون جاري رکنداسين، قوم شهيدن ۽ انهن جي خاندانن جي قربانين کي سدائين ياد رکندي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آ??ف علي زرداري لاهور ۾ ڪيپٽن محمد علي قر??شي شهيد جي گهر ويو ۽ شهيد جي پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. ڪيپٽن محمد علي قر??شي گذريل ڏينهن بلوچستان ۾ شهيد ٿي ويو هو. صدر آ??ف علي زرداري ڪيپٽن محمد علي قر??شي شهيد جي ??اء?? فاتحه خواني پڻ ڪئي. صدر آ??ف علي زرداري ڪيپٽن محمد علي قر??شي جي خدمتن ۽ بهادري کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ اسان جون همدرديون شهيد جي گهرڀاتين سان گڏ آهن. هن چيو ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ ڪيترن ئي نوجوانن جانين جا نذرانا پيش ڪيا آهن، شهيد محترمه بينظير ڀٽو پڻ دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ شهيد ٿي. صدر چيو ته دهشتگردي جي فتني کي پاڙ کان پٽڻ جي ??اء?? آخري دم تائين ڪوششون جاري رکنداسين. صدر آ??ف علي زرداري شهيد ڪيپٽن جي گهرڀاتين جي حب الوطني ۽ ايثار جي جذبي کي ساراهيو. هن چيو ته قوم شهيدن ۽ انهن جي خاندانن جي قربانين کي سدائين ياد رکندي. صدر آ??ف علي زرداري ڪيپٽن محمد علي قر??شي جي درجن جي بلندي ۽ وارثن جي ??اء?? صبر جميل جي دعا پڻ ڪئي.
دهشتگردي جي فتني کي پاڙ کان پٽڻ جي لاءِ آخري دم تائين ڪوششون جاري رکنداسين: صدر آصف علي زرداري
مضمون کا ماخذ : پنجاب لاٹری