ڪراچي-30 آگسٽ (اي پي پي)پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري خيبرپختونخوا جي ضلعي اپر دير جي علائقي پاتراڪ ۾ ڇپ ڪرڻ سبب فوتگين تي افسوس جو ا??هار ڪيو آهي. ميڊيا سيل مان جاري بيان موجب بلاول ڀٽو زرداري پاتراڪ ?? ريسڪيو آپريشن ۾ دير بابت رپورٽن تي ڳڻتي جو ا??هار ڪندي جاچ جو مطالبو ڪيو آهي. هن چيو ته پاتراڪ ?? پيش آيل حادثي ۾ ٻارن سميت جاني نقصان تي ڏکويل آهيان، حادثي ۾ پنهنجي پيارن کي وڃائيندڙ سو??وا??ن جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهيان. بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته جاچ ٿيڻ گهرجي ته پاتراڪ حادثي ۾ ريسڪيو آپريشن وقت سر ڇو نه شروع ٿي سگهيو، آئنده اهڙي طرح جي خامين ۽ مجرماڻي غفلت کي روڪڻ لاءِ بندوبست ڪرڻ ضروري آهي.
مضمون کا ماخذ : ہیوگو 2