اسلام آباد-05 جولاءِ(اي پي پي) مشهور براڊ ڪاسٽر،ليکڪ ۽ هدايت ڪار ??غا ??اص?? جي ورسي 12 جولاءِ تي ملهائي ويندي،09 فيبروري 1937 ۾ ميرٺ جي فريد نگر واري علائقي ۾ پيدا ٿيل هدايتڪار ??غا ??اص?? بي اي جو امتحان سنڌ مسلم ڪاليج مان پاس ڪيو ۽ تاريخ ۾ ايم اي جي ڊگري ڪراچي يونيورسٽي مان حاصل ڪئي، هن پنهنجي ڪيريئر جي شروعات 1955 ۾ ريڊيو پاڪستان ۾ براڊ ڪاسٽر جي حيثيت سان ڪئي ۽ بعد ۾ اداري جو ڊائريڪٽر جنرل پڻ رهيو. 1954 ۾ پي ٽي وي سان لاڳاپيل رهيو جتي هن هدايتڪار ۽ پروڊيوسر طور ڪم ڪيو،جڏهن ته ??غا ??اص?? ڪجهه عرصي لاءِ پاڪستان ٽيليويزن جي مينيجنگ ڊائريڪٽر طور پڻ خدمتون سر انجام ڏنيون.هن فلمن جي پڻ هدايتڪاري ڪئي،??غا ??اص?? هڪ بهترين ليکڪ پڻ هو،هن ڇهه ڪتاب پڻ لکيا ۽ سندس لکيل ڪتابن کي تمام گهڻي پذيرائي ملي،??غا ??اص?? ريڊيو پاڪستان ۾ اسٽوڊيو نمبر 9 ۽ حامد ميان ڪي يهان جڏهن ته پي ٽي وي ۾ الف نون ،تعليم بالغان جهڙا شاهڪار ڊراما پڻ لکيا،سندس ڪريئر ۾ 1970 جون عام چونڊون سڌي ريت نشر ٿيڻ هڪ اهم سنگ ميل جي حيثيت رکن ٿيون،مرحوم کي سندسن خدمتن جي مڃتا طور پرائيڊ آف پرفارمنس پڻ ڏنو ويو.??غا ??اص?? 12 جولاءِ 2016 ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، سندس ورسي جي موقعي تي علمي ۽ ادبي حلقن ۽ شو بز انڊسٽري جي انتظام هيٺ مختلف تقريبون منعقد ڪيون وينديون جن ۾ هن کي فن جي دنيا لاءِ ڪيل خدمتن تي خراج تحسين پيش ڪيو ويندو.
نالي واري براڊ ڪاسٽر،ليکڪ ۽ هدايت ڪار آغا ناصر جي ورسي 12 جولاءِ تي ملهائي ويندي
مضمون کا ماخذ : میان میجک وائلڈ فائر