اسلام آباد-11 جون (اي پي پي)ناڻي ۽ محصول واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته هلندڙ مالي سال دوران آءِ ايم ايف، عالمي بئنڪ ۽ ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي اندازن جي ابتڙ پاڪستان جي اقتصادي ترقيءَ جي شرح 2.4 سيڪڙو وڌي آهي، هلندڙ مالي سال دوران پاڪستان جي قومي معيشت جو ڳاڻيٽو 11 سيڪڙو واڌ کان پوءِ 338 ارب ڊالرن کان 375 ارب ڊالر ٿي ويو آهي، خيرات مان فلاحي ادارا ته هلي سگهن ٿا پر ملڪ نٿو هلي سگهي، ملڪ هلائڻ لاءِ ٽيڪس ضروري آهي، في ڪس آمدني 129 ڊالر جي اضافي کان پوءِ 1680 ڊالر ٿي وئي آهي مهانگائي جي شرح 11.8 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي. هلندڙ مالي سال 24-23ع جي اقتصادي سروي جي جاري ٿيڻ جي موقعي تي مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ، اقتصادي صلاحڪار ڊاڪٽر امتياز، ناڻي واري سيڪريٽري امداد الله بوسال ۽ منصوبا بندي شهريار سلطان سان گڏ پريس بريفنگ کي خطاب ڪندي ناڻي واري وزير چيو ته گذريل مالي سال جي پڄاڻيءَ تي جي ڊي پي جي شرح 0.2 سيڪڙو هئي، رپئي جي قدر ۾ 29 سيڪڙو گهٽتائي ٿي، جڏهن ته اسان وٽ صرف ٻن هفت?? جو امپورٽ ڪور هو، انهن ڏُکين حالتن ۾ اسان نئين سال جي شروعات ڪئي هئي، ان وقت اسا?? کي آءِ ايم ايف جي پروگرام جي ضرورت هئي، ڇاڪاڻ ته ان کان علاوه اسان وٽ ٻيو ڪوبه پلان نه هو، وزيراعظم شهباز شريف بهترين قدم کنيا ۽ آءِ ايم ايف سان اسٽينڊ باءِ معاهدي ذريعي معيشت جي استحڪام جو بنياد رکيو، جيڪڏهن اهو معاهدو نه ٿئي ها ته اسان معاشي هدف حاصل نه ??ري سگهو ها. هن چيو ته جاري مالي سال دوران وڏين صنعتن جي پيداوار ۾ ڏُکيائي?? کي مُنهن ڏيڻو پيو جنه?? جو بنيادي سبب بلند وياج جي شرح ۽ توانائي جي عدم مساوات هئي، جڏهن ته زراعت جي شعبي نمايان ترقي ڪئي ۽ـ اسان بمپر فصل حاصل ڪيا، ڊيري ۽ لائيو اسٽاڪ جي شعبي ۾ به نمايان اؤسر ٿي آهي، زراعت هاڻ اسا?? جو اهم هدف آهي. هن چيو ته م??لياتي سطح تي به اثرائتي اڳڀرائي ٿي آهي، ايف بي آر جي محصولن جي وصولي جي شرح ۾ 30 سيڪڙو جو نمايان اضافو ٿيو آهي. پرائمري سرپلس ۾ صوب?? جو به سٺو ڪردار رهيو، جنه?? جو ڪريڊٽ صوب?? کي ملڻ گهرجي. هلندڙ مالي سال جي شروعات تي اسا?? جو اندازو هو ته ڪرنٽ اڪائونٽ جي کات?? جو خسارو 6 ارب ڊالرن جي لڳ ڀڳ رهندو، جڏهن ته سال جي پڄاڻيءَ تي اهو 200 ملين ڊالر جي لڳ ڀڳ هوندو جيڪو هڪ وڏي ڪاميابي آهي، گذريل 3 مهينن دوران ڪرنٽ اڪائونٽ جي کات?? جو توازن سٺو رهيو آهي. ناڻي واري وزير چيو ته پرڏيهه م??ن اُماڻيل ناڻي ۾ به نمايان بهتري آئي آهي، ملڪي ڪرنسي ۾ استحڪام آيو آهي، ڪرنسي جي استحڪام ۾ نگران حڪومت طرفان انتظامي ۽ اسٽيٽ بئنڪ طرفان ڍانچه جاتي قدمن مُک ڪردار ادا ڪيو، جن بئنڪن وٽ بوٿ موجود هئا، انه?? جو انگ وڌائڻ جڏهن جن وٽ بوٿ نه هئا، انه?? کي بوٿ کولڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون، سٽي بازي ۽ قياس آرائين جي خاتمي لاءِ قدم کنيا ويا. هن چيو ته م??لي سال جي شروعات تي پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي جي حوالي سان پاڪستان ڊيفالٽ جي ڪِناري تي هو، ان وقت اسٽيٽ بئنڪ وٽ 9 ارب ڊالرن کان وڌيڪ ذخيرا هئا جيڪي 2 مهينن جي امپورٽ ڪور لاءِ ڪافي هئا. ا?? جو ڪريڊٽ به اسٽيٽ بئنڪ ڏانهن وڃي ٿو. هن چيو ته مهانگائي ۾ به گهٽتائي اچي رهي آهي. گذريل سال جي پڄاڻيءَ تي ناڻي واڌ جي شڙح 38 سيڪڙو هئي، جيڪا هاڻي 11.8 سيڪڙو جي سطح تي اچي وئي آهي، بنيادي ۽ـ خوراڪ جي مهانگائي جي شرح ۾ گهٽتائي ٿي آهي، پاليسي ريٽ ۾ به گهٽتائي ڪئي وئي اهي، اسا?? کي اميد آهي ته جوزري سهولت شروع ٿي آهي ان سان ناڻي واڌ ۾ گهٽتائي ۽ معيشت تي هاڪاري اثر پوندا. اسا?? کي اها به اميد آهي ته ايندڙ ڪجهه مهينن ۽ سالن ۾ پاليسي ريٽ سنگل ڊجٽ تي اچي ويندو. هن چيو ته م??يشت جي استحڪام لاءِ قدمن سان مارڪيٽ تي سٺا اثر پويا آهن، اسٽارڪ مارڪيٽ ۾ پرڏيهي خريدار اچي رهيا آهن، هي اهي اشارا آهن جنهن سان معيشت جي استحڪام جي عڪاسي ٿي رهي آهي. هن چيو ته آءِ ايم ايف سان اسا?? جون ڳالهيون پيداواري ۽ تعميري رهيون، پاڪستان اسٽينڊ باءِ معاهدي جو 9 مهين?? جو پروگرام ڪاميابيءَ سان مڪمل ڪيو، ان دوران پاڪستان جنهن نظم ۽ ضبط جو مظاهرو ڪيو ان سان ملڪ کي فائدو ٿيو آهي، حڪومت سڌارن جي عمل ۾ سنجيده آهي، اسا?? کي جي ڊي پي جي تناسب سان ٽيڪسن جي شرح کي وڌائڻو آهي، ان سان گڏوگڏ ٽيڪس جي نظام ۾ سڌارا آڻڻا آهن، توانائي ۽ سرڪاري ملڪيتي ڪاروباري ادار?? کي بهتر بنائڻو آهي. هن چيو ته پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت اسٽيٽجڪ ايس او يز کي رکي سگهجي ٿو، آءِ ايم ايف سان اسا?? جون ڳالهيون جاري آهن ۽ـ ان حوالي سان هاڪاري اڳڀرائي جي اميد آهي. هن وقت بجلي جي شعبي ۾ ساليانو 500 ارب رپين جي چوري جو ڪاٿو آهي، ڊسڪوز جي ڪارپوريٽ گورننس کي بهتر ڪيو پيو وڃي، ڊسڪوز کي نجي شعبي طرف وٺي وڃي رهيا آهيون، هڪ ڳالهه تمام واضح آهي ته ڊسڪوز سرڪاري شعبي ۾ نٿو رهي سگهي. هن چيو ته زراعت پاڪستان جي معيشت جو اهم ستون هوندو. زراعت ۽ آءِ ٽي ٻه اهڙا شعبا آهن ج?? جو آءِ ايم ايف سان ڪوبه تعلق ناهي، انهن شعبن تي توجهه ڏئي پيداوار ۾ اضافي ذريعي اسان اؤسر جي شرح کي وڌائي سگهون ٿا، زراعت ۽ آءِ ٽي جي شعب?? کي قرضن جي فراهميءَ لاءِ اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر سان رابطي ۾ آهيون، زراعت ۾ مڊل مين جي ڪردار کي گهٽ ڪرڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. پنجاب حڪومت ان حوالي سان قدم شروع ڪري ڇڏيا آهن، باقي صوبن سان به م??اورت سان اڳتي وڌنداسين. ان موقعي تي اقتصادي معاملن واري مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ چيو ته م??يشت ۾ استحڪام ۽ جيڪو اعتماد نظر اچي رهيو آهي هي انهن قدم?? جو نتيجو آهي جيڪي شهباز شريف ورتا آهن، اسان جي پوري توجهه م??اشي استحڪام کي مضبوط بنيادن تي آڻڻو آهي ته جيئن معيشت ٻيهر ڪمزوريءَ طرف نه وڃي، ان حوالي سان اسا?? کي آءِ ايم ايف سان نظام کي اڳتي وٺي وڃڻو پوندو. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف واضح هدايت جاري ڪئي آهي ته م??اشي طور تي ڪمزور طبقن تي ڪو بار نه وڌو وڃي، حڪومت معيشت کي دستاويزي بڻائي رهي آهي، نان فائلرز کي فائلز بنائڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون، سمورن پاڪستاني?? کي پنهنجي آمدني ۽ حيثيت مطابق پاڪستان جي ترقيءَ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، اسا?? کي ڍانچه جاتي فالٽ لائي?? کي صحيح ڪرڻو آهي. ڪيپسٽي ادائگين بابت سوال تي مملڪتي وزير چيو ته پاڪستان جي ساورن وعدا هوندا آهن جن تي عملدرآمد ڪرڻو پوي ٿو، رياستي وعد?? جو احترام ڪيو ويندو آهي ۽ جتي به م??ئلا هجن اتي ڳالهين ذريعي معامل?? کي حل ڪيو ويندو آهي. هن چيو ته پاڪستان وٽ بجلي جي سگهه تمام وڌيڪ آهي پر نقصانن سبب لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي ته جيئن گردشي قرض نه وڌن. هن چيو ته بجلي چوري جي خاتمي لاءِ صوبن سان به اسان جي ڳالهه ٻولهه جاري آهي، اسا?? کي بجلي جي شعبي ۾ خامي?? جو احساس آهي ۽ تمام جلد سٺون خبرون اچڻ شروع ٿينديون. صحافين طرفان مختلف سوالن جي جواب ۾ ناڻي واري وزير چيو ته وزيراعظم جو تازو چي?? جو دؤرو سي پيڪ جي ٻئي مرحلي لاءِ هو، سيڪيورٽي جي واقعن سبب اسا?? کي نقصان پهتو آهي، چين جي حڪومت طرفان وزيراعظم جي چين جي دؤري جي ڀرپور آجيان ڪئي وئي، جڏهن ته ڪاروباري برادري ۽ سيڙپڪارن پڻ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي پنهنجي دلچسپيءَ جو اظهار ڪيو آهي. ناڻي واري وزير چيو ته پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن جي حوالي سان صورتحال تسلي بخش آهي، ايندڙ مالي سال لاءِ ادائگي?? جو ڪوبه م??ئلو ناهي. ايندڙ سال ۾ پاڪستان عالمي ڪيپيٽل مارڪيٽ ۾ ويندو، ان کان اڳ پاڪستان چين جي ڪيپيٽل مارڪيٽن مان به فائدو کڻندو ۽ـ مالي سال 25-24ع ۾ پانڊا بانڊ جاري ڪيا ويندا. ٽريڪ اينڊ ٽريس نظام بابت سوال تي هن چيو ته ان نظام کي اثرائتو بڻايو پيو وڃي. هن چيو ته نڪگران حڪومت جي نجڪاري جي حوالي سان بهترين ڪم ڪيو آهي، پي آءِ اي ۽ اسلام آباد ايئرپورٽ جي آئوٽ سورسنگ جي ٻولي اچي چڪي آهي، لاهور ۽ ڪراچي ايئرپورٽ کي به آئوٽ سورس ڪيو ويندو. هن چيو ته 18هين ترميم سان وفاق کي صوبن سان گڏ هلڻو پوندو آهي، اسان جي چئني صوبن جي وڏن وزيرن سان بهترين ملاقاتون رهيون آهن ۽ اهم مشاورت سان اڳيان وڌي رهيا آهيون. هن چيو ته م??لي خساري کي گهٽ ڪرڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. اسان هڪ ٽريلين کان وڌيڪ خسارو برداشت نٿا ڪري سگهون. ناڻي واري وزير چيو ته نئين مالي جي سالياني ترقياتي پروگرام ۾ انتهائي اهميت جي رٿائ?? کي شامل ڪيو پيو وڃي، فنڊز بنا ڪنهن به رٿائ کي پي ايس ڊي پي ۾ شامل نه ??نداسين. هن چيو ته قومي اقتصادي ڪائونسل اهم ترين اسٽريٽجڪ فورم آهي جنه?? جو وزيراعظم سربراهه آهي، اين اي سي بجيٽ بنائڻ وارو فورم ناهي.
عالمي ادارن جي اندازن جي ابتڙ اقتصادي ترقيءَ جي شرح 2.4 سيڪڙو وڌي آهي، قومي معيشت جو ڳاڻيٽو 11 سيڪڙو واڌ کان پوءِ 375 ارب ڊالر ٿي ويو: ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب جي اقتصادي جائزي جي جاري ڪرڻ جي موقعي تي پريس بريفنگ
مضمون کا ماخذ : sorteos dupla sena