اسلام آباد – 17 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستانين جي دل پنهنجي ڪشميري ڀينرن ڀائرن سان گڏ ڌڙڪي ٿي اهو ڪيئن ممڪن هو ته آزاد ڪشمير ۾ اسان جا ڀينر ڀائر مشڪل ۾ هجن ۽ اسان سک سان ويهون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان مسلم ليگ (ن) آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي صدر شاهه غلام قادر جي قيادت ۾ پارٽي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وفاقي وزير به شريڪ ٿيا. وفد آزاد ڪشمير جي تازي صورتحال تي ضابطو آڻڻ ۽ مسئلن جي حل تي وزيراعظم کي خراج تحسين پيش ??يو. وفد پاڪستان جي معيشت جي بحالي ۽ ملڪ ۾ ٻاهرئين سيڙپڪار?? آڻڻ جي لاءِ کنيل قدمن کي ساراهيو. وزيراعظم وفد کي آزاد ڪشمير جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ جي هد??يت ڪئي. وزيراعظم چيو ته توهان پنهنجي ڀرپور ڪوشش ڪريو ته آزاد ڪشمير جي عوام کي وڌ کان وڌ ريليف ملي. پاڪستانين جي دل پنهنجي ڪشميري ڀينرن ڀائرن سان گڏ ڌڙڪي ٿي. اهو ڪيئن ممڪن هو ته آزاد ڪشمير ۾ اسان جا ڀينر ڀائر مشڪل ۾ هجن ۽ اسان سک سان ويهون. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ڪشمير ڪاز کي سڄي دنيا ۾ اجاگر ڪري رهيو آهي. پاڪستان سدائين ڪشميرين جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حم??يت جاري رکندو. ملاقات ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ن) آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي معاملن تي پ?? ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. وزيراعظم وفد کي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ پارٽي کي وڌيڪ منظم ڪرڻ جي هد??يت ڪئي. وزيراعظم چيو ته عوام سان پنهنجي رابطي ۾ وڌيڪ بهتر?? آڻيو.
پاڪستانين جي دل ڪشميري ڀينرن ڀائرن سان گڏ ڌڙڪي ٿي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : apostas quina