اسلام آباد – 24 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف فلسطين ۾ نسل ڪشيءَ جي خلاف داخل ڪيس تي ا??صاف جي عالمي عدالت جي فيصلي جي آجيان ڪندي چيو آهي ته ان فيصلي تي عملدرآمد سان دنيا ۾ امن جي راهه هموار ٿيندي، پاڪستان مظلوم فلسطينين جي بني??دي انساني ۽ قانوني حقن جي تح??ظ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۽ عالمي برادري غزه ۾ اسرائيلي آپريشن رو??ڻ جي عالمي عدالت جي فيصلي تي فوري عمل ڪرائي، رفح ۾ آپريشن رو??ڻ جي ا??صاف جي عالمي عدالت جي فيصلي تي عملدرآمد سان دنيا ۾ امن جي راهه هموار ٿيندي. هن چيو ته مظلوم انسانيت جي حق ۾ فيصلو ڏيندڙ 13 ججن ۽ پٽيشن داخل ڪرڻ تي ڏکڻ آفريقا کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا، پاڪستان ڏکڻ ايشيا جي پٽيشن جي حمايت ڪئي هئي، اڳتي به سمورن فلسطينين جو ڪيس وڙهن??ا رهنداسين. وزيراعظم چيو ته عدالتي فيصلي موجب گڏيل قومن جي جاچ ڪميشن کي غزه ۽ رفح ۾ فوري پهچ ڏني وڃي، فيصلو مظلوم انسانن جي فتح آهي، فيصلي تي عملدرآمد ڪرايو وڃي. هن چيو ته رستا کولڻ، غذائي ۽ طبي ا??داد جي فوري فراهمي جي فيصلي تي عملدرآمد ڪرايو وڃي ته جيئن مظلوم انسانن کي ريليف ملي سگهي، پاڪستان مظلوم فلسطينين جي بني??دي انساني ۽ قانوني حقن جي تح??ظج ي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو.
وزيراعظم پاران فلسطين ۾ نسل ڪشيءَ جي خلاف داخل ڪيس تي انصاف جي عالمي عدالت جي فيصلي جي آجيان
مضمون کا ماخذ : resultados loteria Bahia