اسلام آ??اد – 23 – اپريل (اي پي پي) و??ير??عظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته معياري تعليم جو فروغ اسان جي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، اسان جي ڀرپور ڪوشش آهي ته ڪو به ٻار اسڪول کان ٻاهر نه هجي، ان حوالي سان وفاقي حڪومت صوبائي حڪومتن سان گڏجي ڪم ڪري رهي آهي، پاڪستان ۽ برطانيا جا ل??ڳاپا ڏهاڪن تي ٻڌل آهن جن ۾ وقت سان گڏوگڏ وڌيڪ بهتري اچي رهي آهي، اسان برطانيا سان واپار ۽ تعليم جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جا خواهشمند آهيون. و??ير??عظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب و??ير??عظم محمد شهباز شريف سان برطانيا جي نالي??ار?? يونيورسٽين جي نمائندن جي وفد اسلام آ??اد ۾ ملاقات ڪئي. وفد جي قيادت برطانيا جي انٽرنيشنل ايجوڪيشن چيمپئن سر اسٽيو سمٿ ڪري رهيو هو. ملاقات ۾ تعليم ??ار?? وفاقي وزير خالد مقبول صديقي، قومي اسيمبلي ميمبر رومينه خورشيد عالم، و??ير??عظم جو خاص معاون طارق فاطمي، پاڪستان ۾ برٽش ڪائونسل جو ڪنٽري ڊائريڪٽر جيمز هيمپسن، چيئرمين هايئر ايجوڪيشن ڪميشن ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسر پڻ موجود هئا. و??ير??عظم وفد کي پاڪستان ۾ ڀليڪار چيو. وفد سان ڳالهائيندي و??ير??عظم چيو ته معياري تعليم جو فروغ اسان جي حڪومت جي اولين ترجيح آهي. هن چيو ته اسان جي ڀرپور ڪوشش آهي ته ڪو به ٻار اسڪول کان ٻاهر نه هجي، ان حوالي سان وفاقي حڪومت صوبائي حڪومتن سان گڏجي ڪم ڪري رهي آهي. و??ير??عظم چيو ته اسان پنجاب صوبي ۾ ايجوڪيشن اينڊومينٽ فنڊ قائم ڪيو هو، اهڙي ئي قسم جا قدم وفاق ۾ پڻ کڻنداسين. هن چيو ته تعليم جي شعبي جي ترقي جي لاءِ حڪومت هنگامي قدم کڻي رهي آهي. و??ير??عظم چيو ته پاڪستان ۽ برطانيا جا ل??ڳاپا ڏهاڪن تي ٻڌل آهن جن ۾ وقت سان گڏوگڏ وڌيڪ بهتري اچي رهي آهي. و??ير??عظم پاڪستان ۾ تعليم جي شعبي ۾ برطانوي تعاون کي ساراهيندي چيو ته اسان برطانيا سان واپار ۽ تعليم جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جا خواهشمند آهيون. و??ير??عظم چيو ته پاڪستاني ۽ برطانيا جي يونيورسٽين جي وچ ۾ ٽيڪنالاجي ۽ تحقيق جي شعبن ۾ حصيداري ٿيڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته برطانيا پاڪستاني استادن جي تربيت ۽ صلاحيت ۾ اضافي جي حوالي سان مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو. سندس چوڻ هو ته پاڪستان برطانيا جي ايجوڪيشن سيڪٽر جي صلاحيت مان فائدو کڻڻ چاهي ٿو. و??ير??عظم چيو ته اها ڳالهه خوش آئنده آهي ته پاڪستاني ۽ برطانوي يونيورسٽيون ريسي پروڪل بنيادن تي ڊگري پروگرامز شروع ڪري چڪيون آهن. سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۾ اعليٰ تعليم جي فروغ ۽ ان جو معيار بهتر بڻائڻ جي لاءِ برطانيا جي ايجوڪيشن سيڪٽر سان گڏجي ڪم ڪرڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته جديد تعليم خاص طور تي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ڪنهن به قوم جي ترقي جي ضمانت آهي. وفد برطانيا ۽ پاڪستان جي وچ ۾ اعليٰ تعليم جي شعبي ۾ حصيداري ۽ تعاون جي حوالي سان ??هر?? دلچسپي جو اظهار ڪيو. وفد پاران و??ير??عظم کي آگاهه ڪيو ويو ته ايجوڪيشن گيٽ وي پاڪستان جو دائرو وڌيڪ وڌايو پيو وڃي جنهن سان ٻنهي ملڪن ۾ تعليم جي شعبي ۾ تعاون وڌائڻ ۾ مدد ملندي. وفد پاڪستان ۾ شاندار ميزباني تي و??ير??عظم ۽ حڪومتي ادارن جا ٿورا مڃيا.
معياري تعليم جو فروغ اسان جي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، ڀرپور ڪوشش آهي ته ڪو به ٻار اسڪول کان ٻاهر نه هجي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی چانسز