پشاور ??? 06 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته وفاقي حڪومت برساتن ۽ برفبار?? جي متاثرين سان هر قسم جو تعاون ڪندي، سمورا ادارا گڏجي متاثرين جي ريسڪيو ۽ بحال?? جي قدمن ۾ حصو و??ن، اين ڊي ايم اي صوبائي انتظاميا سان گڏجي متاثرين جي ريسڪيو ۽ بحال?? جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي. هن اها ڳالهه تازي طوفاني برساتن ۽ برفباري سان خيبرپختونخواهه ۾ نقصانن ۽ جاري ريسڪيو ۽ بحال?? جي قدمن جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. هو هڪ ڏينهن جي دوري تي پشاور پهتو. ان موقعي تي وزيراعظم خيبرپختونخواهه جي گورنر حاجي غلام علي سان گورنر هائوس پشاور ۾ ملاقات ڪئي. سينيٽر اسحاق ڊار، خواجه محمد آصف، عطا تارڙ، امير مقام، مرتضيٰ جاويد عباسي ۽ اين ڊي ايم اي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ پڻ شريڪ هئا. ملاقات ۾ وزيراعظم کي تازي طوفاني برساتن ۽ برفبار?? جي نتيجي ۾ نقصانن ۽ جاري امداد ۽ بهال?? جي قدمن بابت آگاهه ڪيو و??و. وزيراعظم کي صوبائي انتظاميا، پي ڊي ايم اي، اين ڊي ايم اي ۽ نيشنل هاءِ وي اٿارٽ?? جي قدمن تي پڻ بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو و??و ته خيبرپختونخواهه ۾ تازي طوفاني برساتن ۽ برفبار?? جي نتيجي ۾ 40 ماڻهو فوت جڏهن ته 62 ماڻهو زخمي ٿيا جن ۾ 27 ٻار به شامل آهن. ان کانسواءِ 635 گهر مڪمل ۽ جزوي طور تباهه ٿيا آهن. اجلاس کي ٻڌايو و??و ته وزيراعظم جي خصوصي هدايت تي انهن طوفاني برساتن ۾ فوت ٿيندڙن جي وارثن کي 20 لک، زخمي ٿيندڙن کي في فرد 5 لک، مڪمل تباهه ٿيل گهرن جي رهواسين کي 7 لک جڏهن ته جزوي طور متاثر گهرن جي رهواسين کي 3.5 لک رپيا ڏنا پيا وڃن. وزيراعظم کي ٻڌايو و??و ته خيبرپختونخواهه ۾ سمورن وڏن رستن کي جزوي طور تي بحال ڪيو و??و آهي جڏهن ته جن رستن تي برفباري ۽ ڇپُون اڃان به ڪرن پيُون انهن تي به ڪم جاري آهي. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو و??و ته ايندڙ ٻن ڏينهن ۾ امڪاني برفبار?? جي حوالي سان پڻ ضلعي ۽ صوبائي انتظاميا ۽ اين ڊي ايم ا?? جي ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تياري مڪمل آهي. بريفنگ دوران وزيراعظم هدايت ڪئي ته سمورا ادارا گڏجي طوفاني برساتن ۽ برفبار?? جي متاثرين جي ريسڪيو ۽ بحال?? جي قدمن ۾ حصو و??ن. هن چيو ته متاثرين جي مدد ۽ بحالي ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي وڃي. هن اين ڊي ايم اي کي هدايت ڪئي ته اها صوبائي انتظاميا سان گڏجي متاثرين جي ريسڪيو ۽ بحال?? جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته متاثر گهرن جي رهواسين کي ايندڙ 5 ڏينهن ۾ امدادي رقم جي فراهمي يقين?? بڻائي وڃي. مصيبت جي هن گهڙيءَ ۾ وفاقي حڪومت متاثرين سان هر قسم جو تعاون ڪندي. اجلاس ۾ خيبرپختونخواهه جي گورنر حاجي غلام علي، اسحاق ڊار، خواجه آصف، عطا تارڙ، امير مقام، مرتضيٰ جاويد عباسي، اين ڊي ايم اي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ ۽ لاڳاپيل اعليٰ صوبائي عملدارن شرڪت ڪئي.
وفاقي حڪومت برساتن ۽ برفباري جي متاثرين سان هر قسم جو تعاون ڪندي، سمورا ادارا گڏجي متاثرين جي ريسڪيو ۽ بحالي جي قدمن ۾ حصو وٺن: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : سکاراب ملکہ