اسلام آباد – 12 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان کي غيرملڪي سيڙپڪاري ۽ ڪاروبار جي لاءِ پرڪشش ملڪ قرار ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا بي پناهه موقعا موجود آهن. هو جرمني جي عالمي فوڊ هول سيلر، ميٽرو گروپ جي وفد سان ملاقات دوران ڳالهائي رهيو هو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ڪميٽي جو ??ي اي او ڊاڪٽر اسٽيفن گروبل ۽ جرمني جو پاڪستان ۾ سفير پڻ ملاقات ۾ موجود هو. وفد صدر کي پاڪستان ?? ميٽرو گروپ جي ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري تي بريفنگ ڏني. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان ملڪ ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي فروغ جي لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي. وفد ٻڌايو ته ميٽرو ڪمپني ملڪ ۾ ڪاروباري سرگر??ين کي وڌيڪ فروغ ڏي?? جي خواهشمند آهي، پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۽ ڪاروباري سرگر??ين جي لاءِ سازگار ماحول آهي، پاڪستان ڪاروبار، سيڙپڪاري ۽ سياحت جي لاءِ هڪ پرڪشش جڳهه آهي. صدر پاڪستان ?? ميٽرو گروپ جي سيڙپڪاري کي ساراهيو.
صدر پاران پاڪستان غيرملڪي سيڙپڪاري ۽ ڪاروبار جي لاءِ پرڪشش ملڪ قرار
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے لائیو نتائج