اسلام آباد – 11 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڀارتي سپريم ڪورٽ جي ڀارت جي غير??ان??ني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي خصوصي حيثيت جي منسوخي کي ??رقرار رکڻ جي فيصلي کي ??ختي سان رد ۽ فيصلي تي سخت مايوسي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڀارتي عدليه فاشسٽ هندوتوا نظريي آڏو ڪنڌ جهُڪائي ورتو آهي ۽ هو ڀارتي حڪومت جي حق ۾ فيصلا ڏئي ره?? آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته پاڪستان ڀارتي سپريم ڪورٽ جو والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي خصوصي حيثيت جو خاتمو برقرار رکڻ جو فيصلو سختي سان رد ڪري ٿو، اهڙي طرح جا فيصلا ڀارت جي والاريل ڪشمير تي قبضي کي ??ان??ني حيثيت ن??ا ڏئي سگهن ڇو ته ڄمون ۽ ڪشمير جو مسئلو هڪ عالمي سطح تي مڃيل تڪرار آهي جيڪو 7 ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ايجنڊا تي موجود آهي. صدر چيو ته ڀارتي عدليه ڀارتي حڪومت جي لاءِ موزون فيصلا ڏئي ره?? آهي، اهڙا فيصلا ڀارت جي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير تي قبضي کي ??ان??ني حيثيت ن?? ٿا ڏئي سگهن. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير جو مسئلو هڪ عالمي سطح تي مڃيل تڪرار آهي، ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار 7 ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ايجنڊا تي موجود آهي. صدر ڀارتي سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي مذمت ڪندي چيو ته ڀارتي عدالتن مان مسلمانن جي خلاف فيصلا ڏيڻ جي هڪ تاريخ آهي، بابري مسجد، سمجهوتا ايڪسپريس، حيدرآباد مڪه مسجد ڌماڪي ۽ 2002ع جي گجرات وڳوڙن دوران نرودوگام قل عام جا فيصلا ان جو مثال آهن. صدر چيو ته ڀارتي سپريم ڪورٽ جو فيصلو غير??ان??ني ڀارتي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي حيثيت ن?? ٿو بدلائي سگهي، اهو فيصلو والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن جي ڀارتي غير??ان??ني قبضي جي خلاف منصفاڻي جدوجهد جي عزم کي وڌيڪ سگهه ڏيندو. هن عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها ڀارت جي ماصي ۾ ڪشميري عوام سان ڪيل واعدن تي عملدرآمد ڪرائي. صدر چيو ته پوري پاڪستاني قوم گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڪشميري ڀائرن جي خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ تائين انهن جي اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکڻ جي لاءِ پرعزم آهي.
صدر پاران ڀارتي سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي سخت مايوسي جو اظهار
مضمون کا ماخذ : اضافی مرچ