اسلام آباد – 08 – سيپٽمبر (اي پي پي) سينيٽ جي پرڏيهي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس سينيٽر فاروق حامد نائيڪ جي صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو. نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني برڪس ۾ مڪمل ميمبرشپ حاصل ڪرڻ جي لاءِ پاڪستا?? جي ڪوشش?? جي حوالي سان جامع بريفنگ ڏني. هن برڪس جي تاريخ ۽ مقصدن تي ??وش??ي وڌي جنهن ۾ تازو ئي سعودي عرب، يو اي اي، ارجنٽائن، مصر ۽ ايٿوپيا جهڙن ملڪن کي ميمبرشپ ڏني وئي آهي. هن چيو ته برڪس جي توسيع ميمبر?? جي اتفاق راءِ تي آهي. پاڪستان عالمي مالياتي ڍانچي جي نئين سر جوڙجڪ ۽ ڊالر تي دارومدار گهٽ ڪرڻ جي پنهنجي هدف?? جي ڪري ان گروپ ۾ شامل ٿيڻ جي امڪانن کي فعال طور تي ڳولي رهيو آهي. پرڏيهي وزارت برڪس ۾ پاڪستا?? جي داخلي کي هموار ڪرڻ جي لاءِ لاڳاپيل ڌرين سان مشاورت جو عمل شروع ڪيو آهي. اجلاس ۾ سينيٽرن پاران برڪس ۾ پاڪستا?? جي شموليت جي حوالي سان ڀارت پاران امڪاني ويٽو بابت خدشن جو اظهار ڪيو ويو. نگران پرڏيهي وزير يقين ڏياريو ته اه??ي طرح جي ويٽو جو سهارو وٺندڙ ڪو به ميمبر گروپ جي اندر پنهنجي حيثيت کي خطري ۾ وجهي ٿو. هن پاڪستا?? جي ان عزم جو اظهار ڪيو ته هو ڪنهن بلاڪ پاليٽڪس ۾ ملوث نه ٿيندو جنهن جو مقصد سمورين قومن سان مثبت لاڳاپا رکڻ آهي. آمريڪا سان پاڪستا?? جي لاڳاپن باتب سوالن جا جواب ڏيندي نگران پرڏيهي وزير روس ۽ يوڪري?? جي صورتحال جهڙن تڪرار?? جي عالمي اثرن تي ??وش??ي وڌي. هن موجوده دنيا جي گڏيل رابطي جي ڏس ۾ سمورين قومن سان مثبت لاڳاپا برقرار رکڻ جي پاڪستا?? جي پاليسي تي زور ڏنو. ڪميٽي جي چيئرمي?? جي پڇڻ تي نگران پرڏيهي وزير چيو ته برڪس ۾ ميمبرشپ پاڪستان کي هڪ اهم عالمي فورم تي نمائندگي ڏيندي ۽ ميمبر ملڪن سان واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن کي آسان بڻائيندي. چترال ۾ ٽي ٽي پي جي تازي حملي ۽ ا?? جي نتيجي ۾ امن اما?? جي صورتحال بابت پڇيل سوال تي نگران پرڏيهي وزير يقين ڏياريو ته صورتحال ضابطي ۾ آهي، پاڪستان افغان عبوري حڪومت سان فعال طور تي مصروف عمل آهي، اسان جو سفير ان معاملي کي حل ڪرڻ جي لاءِ افغان عملدارن سان ملاقات ڪري رهيو آهي. هن افغان هم منصبن سان مسلسل ڳالهه ٻولهه ذريعي اه??ين حالتن کي ٻيهر ٿيڻ کان روڪڻ جي لاءِ پاڪستا?? جي عزم جو اظهار ڪيو. مختلف ملڪن ۾ مقرري?? جي مدي سان گڏوگڏ نان ڪيريئر سفيرن ۽ هاءِ ڪمشنرز جي لاءِ مقرري جي پاليسي جو ذڪر ڪندي نگران پرڏيهي وزير واضح ڪيو ته نان ڪيريئر مقرري?? جي لاءِ 20 سيڪڙو ڪوٽا آهي جنهن تي سختي سان عمل ڪيو وڃي ٿو، نان ڪيريئر ڊپلوميٽس جي چونڊ جي حوالي سان هن چيو ته حڪومت مخصوص معيار ۽ قاعدن کانسواءِ موزون هجڻ کي ترجيح ڏي ٿي. اجلاس ۾ سينيٽرز مشاهد حسين سيد، زرقا سهروردي تيمور، پلوشه محمد زئي خان، مولانا عبدالغفور حيدري، وليد اقبال ۽ محمد طاهر بزنجو کانسواءِ نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني ۽ پرڏيهي وزارت جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.
سينيٽ جي پرڏيهي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس
مضمون کا ماخذ : پاور بال لاٹری