اسلام آباد – 11 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ??هي ته 13 اتحادي پارٽين گڏجي ڪاميابي سان حڪومت ڪئي، حڪومت ڇڏي رهيا آهيون، ڪارڪردگي کان مطمئن آهيان، ايس آئي ايف سي معاشي بحالي جي حڪمت عملي آهي، ايندڙ حڪومت کي نيڪ نيتي سان ان تي عمل ڪرڻو پوندو. پي ٽي وي ورلڊ کي انٽرويو ڏيندي هن چيو ??ه جڏهن حڪومت سنڀالي ته ڪيترن ئي چئلينجز کي منهن ڏيڻو پيو، اهڙا چئلينجز ماضي ۾ ڪڏهن به سامهون نه رهيا، مهانگائي، معاشي خراب حالت، تباهي آڻيندڙ ٻوڏ، روانگي واپار، ٻاهرئين ملڪن سان لاڳاپن جهڙا گهڻ رخا چئلينجز درپيش هئا، انهن مسئلن جي گهرائي کي سمجهڻ ۽ پوءِ انهن کي حل ڪرڻ وڏو چئلينج هو. هن چيو ??ه 13 پارٽين اتحادي حڪومت سان گڏجي مسئلن جي حل ??اء?? ڪوششون ڪيون مون کي انهن پارٽين چونڊيو ۽ اهم ذميواري ڏني. مشل صورتحال ۾ اتحادي پارٽين کي عزت ۽ احترام ڏنو ۽ ڪاميابي سان حڪومت هلائي. هن چيو ??ه عاوم جي خدمت تي يقين رکون ٿا. اهو اطمينان جوڳو آ??ي ته صورتحال ۾ تيزي سان بهتري آئي آهي. هن چيو ??ه م??صو??ابندي ۽ ويزن سان گڏوگڏ ان تي جيئن جو تيئن عملدرآمد ڪرڻ اهميت رکندڙ آهي. ڀرپور محنت سان ڪاميابي حاصل ڪري سگهجي ٿي، ان جو بهترين مثال آءِ ايم ايف سان معاهدو آ??ي، اسان همت نه هاري. هن چيو ??ه حڪومت ڇڏي رهيا آهيون، ڪارڪردگي کان مطمئن آهيون، ايس آئي ايف سي معاشي بحالي جو م??صو??و آ??ي جيڪڏهن اسان ان تي هول آف دي گورنمينٽ جي سوچ سان عمل ڪيو ??نهن ۾ حڪومت، پاڪ فوج، بيوروڪريسي ۽ ماهر شامل هجن، ان جي ??اء?? مخلصاڻي ڪوششون ڪيون ويون ته جلد ملڪي معيشت ترقي ج?? راهه تي گامزن ٿيندي، ان جي ??اء?? ڀرپور محنت ۽ قربانين جي ضرورت آهي، مون کي اميد آهي ته ائين ئي ٿيندو. وزيراعظم چيو ??ه اسان امن چاهيون ٿا، ڀارت سان تڪرار حل ڪري اڳتي وڌڻ چاهيون ٿا پر جيڪڏهن ڀارت مثبت ردعمل جو مظاهرو نه ٿو ڪري ته ڪجهه نه ٿو ٿي سگهي، تاريخ فيصلو ڪندي ته ڪير حق تي بيٺل آهي.
13 اتحادي پارٽين گڏجي ڪاميابي سان حڪومت ڪئي، حڪومت ڇڏي رهيا آهيون، ڪارڪردگي کان مطمئن آهيان، ايس آئي ايف سي معاشي بحالي جي حڪمت عملي آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : Aztec خزانے