اسلام آباد – 12 – جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پي ٽي وي پشاور سينٽر جي علائقائي نشريات هفتي جا 7 ڏينهن 24 ڪلاڪ جاري رکڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته پي ٽي وي پشاور سينٽر جي علائقائي نشريات خ??برپختونخواهه جي سمورين علائقائي زبانن ۾ دستياب آهي، اها نشريات سمنڊ پار پاڪستانين جي لاءِ سيٽلائيٽ ذريعي پهچ جوڳي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اهو قدم پي ٽي وي نيشنل قائم ڪرڻ کانپوءِ خيبرپختونخواهه جي عوام جي پراڻي مطالبي جي تڪميل آهي. ان نشريات سان مقامي مسئلن جي حل ۽ خيبرپختونخواهه جي متحرڪ ثقافت ۽ و??ثي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ معلومات، تعليم ۽ ان??وٽينمنٽ ڪانٽينٽ جي لاءِ هڪ پليٽ فارم دستياب هوندو. ان سان مقامي ميڊيا ايڪو سسٽم جي تياري ۾ پڻ مدد ملندي جيڪو مقامي ڪميونٽيز جي مفادن جي لاءِ بهتر طريقي سان خدمتون سرانجام ڏيندو.
پي ٽي وي پشاور سينٽر جي علائقائي نشريات خيبرپختونخواهه جي سمورين علائقائي زبانن ۾ دستياب آهي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : پاور بال جیک پاٹ