اسلام آباد – 16 – مارچ (اي پي پي) وزيراعطم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان جي ائٽمي ۽ ميزائيل پروگرام جي حوالي سان سوشل ۽ پرنٽ ميڊيا تي گردش ڪندڙ تازن سمورن بيانن، پريس ??يليز، سوالن ۽ مختلف دعوائن ۾ عالمي ائٽمي توانائي ايجنسي (آءِ اي اي اي) جي ڊائريڪٽر جنرل رافيل ماريانو گروسي جي پاڪستان جي دوري جي ڏس ۾ پرامن ائٽمي پروگرام کي منفي انداز ?? پيش ڪيو ويو آهي. وزيراعظم آفيس ??ي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم واضح ڪيو ته پاڪستان جو ائٽمي ۽ ميزائيل پروگرام هڪ ق??مي اثاثو آهي جنهن جي رياست غيرتمندي سان حفاظت ڪري ٿي، اهو مڪمل پروگرام مُڪمل طور تي محفوظ، فول پروف ۽ ڪنهن به دٻاءُ کانسواءِ آهي. هن چيو ته هي پروگرام ان مقصد کي هر طرح سان پورو ڪري ٿو جنهن جي ل??ءِ اها صلاحيت حاصل ڪئي وئي آهي.
مضمون کا ماخذ : آن لائن اور ایپلیکیشنز