اسلام آباد– 27 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان ۾ قطر جي سفير شيخ سعود بن عبدالرحمان الثاني ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس ??ار??ن جاري بيان موجب قطر جي سفير وزيراعظم کي قطر جي امير جو ??يڪ خواهشن جو خصوصي پيغام پهچايو. وزيراعظم محمد شهباز شريف تاريخ جي ڪامياب ترين فيفا ورلڊ ڪپ جي ميزبان?? تي قطر کي مبارڪباد ڏني ۽ ورلڊ ڪپ دوران فول پروف سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ تي پاڪستاني سيڪيورٽي فورسز جي اهم ڪردار کي ساراهيو. ٻن??ي ملڪن جي وچ ۾ پراڻي ۽ ڀائراڻن لاڳاپن جو ذڪر ڪندي وزيراعظم انهن لاڳاپن کي ٺوس اقتصادي حصيداري ۾ ??بد??ل ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ ۽ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ڪم ڪرڻ جي پنهنجي عزم کي ورجائيندي ان سلسلي ۾ وا??ار?? سيڙپڪاري، توانائي جي شعبن ۽ افرادي قوت جي اهميت کي اجاگر ڪيو. قطر نار خطي ۾ پاڪستانين جي هڪ وڏي آبادي رکندڙ ملڪ آهي. پاڪستان ۽ قطر جا لاڳاپا گڏيل عقيدي ۽ قدرن تي ٻڌل آهن. ٻن??ي ملڪن ٻطرفي ۽ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي ويجهو تعاون ڪن ٿا.
وزيراعظم سان قطر جي سفير شيخ سعود بن عبدالرحمان الثاني جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈز خریدیں