اسلام آباد– 23 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري اقتصادي تعاون تنظيم (اي سي او) جي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ تاشقند پهچي ويو. پرڏيهي وزير (اي سي او) جي 26 هين وزارتي ڪائونسل جي اجلاس ۾ شرڪت ڪري رهيو آه?? جيڪو ازبڪستان جي گادي واري شهر تاشقند ۾ ٿي رهيو آه??. ڪانفرنس جي ٿيم ”رابطي کي مضبوط بڻائڻ جو سال“ آه??. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري وزارتي ڪائونسل جي اجلاس کي خطاب ڪندو. ان موقعي تي ميمبر ملڪن جي وزيرن ۽ ٻين نمائندن سان ٻطرفيون ملاقاتون ڪندو. ڪائونسل آف منسٽرز اقتصادي تعاون تنظيم جو پاليسي ساز فورم آه?? جيڪو تنظيم جي فيصلن ۽ سالياني ورڪ پلان جي منظوري ڏي ٿو. اها ڳالهه ذڪر جوڳي آه?? ته اقتصادي تعاون تنظيم جو 25 هون وزارتي ڪائونسل اجلاس نومبر 2021ع ۾ اشڪ آباد ترڪمانستان ۾ ٿيو هو. پاڪستان هڪ باني ميمبر طور اقتصادي تعاون تنظيم (اي سي او) جي لاءِ پرعزم آه?? جنهن جو مقصد مواصلات، واپار، ثقافت ?? رابطن تي خاص ڌيان ڏيڻ سان گڏ موثر علائقائي تعاون کي فروغ ڏيڻ آه??.
بلاول ڀٽو زرداري اي سي او جي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ تاشقند پهچي ويو
مضمون کا ماخذ : کلیوپیٹرا