اسلام آباد-15 نومبر (اي پي پي) عالمي بئنڪ پاڪستان ۾ ماحولياتي ۽ موسمياتي تبديلين سان پيدا ٿيندڙ نقصانن جي ازالي لاءِ هڪ جامع حڪمت عملي واضح ڪرڻ جي ض??ور?? تي زور ڀريو آهي. اها ڳالهه عالمي بئنڪ طرفان پاڪستان ۾ ماحويلياتي ۽ موسمياتي تبديلين ۽ ترقيءَ جي باري ۾ جاري ڪيل هاڻوڪي رپ??رٽ ۾ چئي وئي آهي. رپ??رٽ ۾ چيو ويو آهي ته هلندڙ سال جي گرمي جي شديد لهر ۽ تباهه ڪُن ٻوڏ سان ان حقيقت جي عڪاسي ٿي ريه آهي ته موسمياتي تبديلين سان ٿيل آفتن پاڪستان جي ترقياتي عزم ۽ غربت کي گهٽائڻ جي ڪوشش ۾ رنڊڪ وجهي رهي آهي. رپ??رٽ مطابق هاڻوڪي ٻوڏ سان 1700 کان وڌيڪ فوتگيون ٿيون جڏهن ته 80 لک کان وڌيڪ ماڻهو بي گهر ٿي چڪا آهن. ٻوڏ سان بنيادي ڍانچي، ملڪيتن، فصلن ۽ چوپائي مال کي تمام گهڻو نقصان پهتو. پاڪستان ۽ انهن جي عالمي شراڪتدارن جي هڪ محتاط ڪاٿي مطابق ٻوڏ سبب 30 ارب ڊالرن کان وڌيڪ نقصان ٿيو آهي. رپ??رٽ ۾ ٻُڌايو ويو آهي ته پاڪستان ۾ پائيدار ترقي ۽ غربت جي خاتمي لاءِ موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي لحاظ ک??ن موزون بنيادي ڍانچي جي جوڙجڪ لاءِ خاطرخواه سيڙپڪاريءَ جي ض??ور?? آهي، ان مد ۾ پاڪستان جي عالمي سهڪار جي ض??ور?? هوندي. ڏکڻ ايشيا لاءِ عالمي بئنڪ جي نائب صدر مارٽن ريزر ٻُڌايو ته هاڻوڪي ٻوڏ سبب پيا ٿيندڙ انساني بحران موسمياتي تبديلين جي ڪارڻ پاڪستاني عوام ۽ معيشت کي وڌيڪ نقصان کان روڪڻ لاءِ فوري ڪارروائيءَ جي سلسلي ۾ هڪ وارننگ آهي. عالمي بئنڪ جي رپ??رٽ ۾ پاڪستان ۾ موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي تبديلين کي مُنهن ڏيڻ لاءِ خوراڪ ۽ـ زراعت جي نظام ۾ ايٽمي تبديليون، موسمياتي ۽ ماحولياتي لحاظ ک??ن موزون بنيادي ڍانچي ۽ شهرن جي تعمير، پائيدار ۽ ماحول دوست توانائي، پائيدار ۽ منصفاڻي ترقي ۽ ماحويلاتي لچڪ لاءِ انساني سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ، ماحولياتي تبديلين کي مُنهن لاءِ قدمن ۾ تيزي آڻڻ لاءِ پاليسين ۾ تبديلي، مراعتن ۽ ملڪن ۾ سڌيءَ ريت ۽ نجي عالمي سيڙپڪارن جي ض??ور?? تي زور ڀريو ويو آهي.
پاڪستان ۾ ماحولياتي ۽ موسمياتي تبديلين سان پيدا ٿيندڙ نقصانن جي ازالي لاءِ هڪ جامع حڪمت عملي واضح ڪرڻ جي ضرورت آهي: عالمي بئنڪ
مضمون کا ماخذ : جڑواں اسپن