اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان حوثين پاران گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ??راردادن جي خلاف ورزي جي ??ذمت ڪندي سعودي عرب سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي. پرڏ??هي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان ۾ ٻڌايو ويو آ??ي ته پاڪستان سعودي عرب جي خلاف ٿيندڙ دهشتگرد ڪاررواين جي ??ذمت ڪري ٿو. ترجمان چيو ته پاڪستان سعودي عرب جي خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي سان گڏوگڏ يمن ۾ پرامن حل جي ??اءِ سعودي عرب جي ڪوششن جي ڀرپور حمايت کي ورجائي ٿو. پاڪستان يمن ۾ تڪرار جي سمورين ڌرين تي مسلسل زور ڏنو آ??ي ته اهي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ??اڳاپيل قراردادن موجب ڇڪتاڻ جي خاتمي جي ??اءِ پرامن ۽ بامعنيٰ ڳالهين ۾ حصو وٺن. ترجمان چيو ته هلندڙ سال جي شروع ۾ طئي ٿيندڙ جنگبندي جي ??تيجي ۾ امن قائم ڪيو جنهن جو فائدو ٿيو جيتوڻيڪ اها ڳالهه افسوسناڪ آ??ي ته حوثين پاران جنگبندي جي تجديد نه ڪئي وئي، جيڪا يمن جي عام شهرين جي ??اءِ مشڪلاتن ۾ اضافي جو سبب بڻجندو ۽ امڪاني طور تي پائيدار امن کي حاصل ڪرڻ جي سڀني ڪوششن کي پٽڙي تان لاهي ڇڏيندو. ترجمان پنهنجي بيان ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر حوثين تي زور ڏنو ته اهي عسڪري سرگرمين ۽ دهشتگرد ڪارروايون بند ڪن ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ??اڳاپيل قراردادن جي بنياد تي تڪرار کي ختم ڪرڻ جي ??اءِ سنجيده ڳالهه ٻولهه ۾ شامل ٿي گڏيل قومن جي ثالثي ۾ ٿيندڙ جنگبندي جي تجديد ڪن. بيان ۾ چيو ويو آ??ي ته پاڪستان ان ڳالهه تي يقين رکي ٿو ته جنگ جو ڪو به مقصد نه آهي ۽ سڀني مسئلن تي پرامن ڳالهه ٻولهه ذريعي حل ڪري سگهجي ??و. ترجمان چيو ته ان رستي کي جلد اختيار ڪرڻ سان هزارين معصوم جانيون بچي وينديون ۽ يمني عوام جي ??ستقبل جي به حفاظت ٿيندي.
پاڪستان پاران حوثين پاران گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي خلاف ورزي جي مذمت
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی پیشن گوئی