اسلام آباد-18 مارچ (اي پي پي) گهرو ??زير شيخ رشيد احمد چيو آيه ته ??نڌ هائوس مخالف ڌر اسٽاڪ ايڪسچينج بڻائي ڇڏيو آهي، ??نڌ هائوس جي وڊيو وزيراعظم عمران ??ان جي وڏي سپورٽ ثابت ٿيندي، شهباز شريف قومي حڪومت جو مشورو ڏئي نواز شريف جي بيانيي کي پٺي ڏئي ڇڏي، ??نڌ هائوس ۾ هارس ٽريڊنگ عروج تي آهي، هارس ٽريڊنگ خلاف سپريم ڪورٽ وڃي رهيا آهيون، پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن ۽ اتحادين کي چوان ٿو ته وزيراعظم سان اچن، ملڪ ۾ ڪنهن سياسي ٽڪراءُ جي گنجائش ناهي، چاهيون ٿا ته جلسن جا فيصلا افهام و تفهيم سان ٿين، پاڪستان ۽ آسٽريليا جي چارئي ميچون لاهور منتقل ڪيون ??هن?? ناراض ايم اين اي کي چئي رهيو آهيان ته اهي واپس اچن کين ڪجهه نه چيو ويندو. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته 23 مارچ تي پاڪستان جي عظيم فوج جي پريڊ آهي، 24 مارچ کان 3، 4 اپريل تائين پاڪستان جي سياست ۾ گهماگهمي جا ڏينهن ??هن?? سڀ پارٽيون پنهنجو فيصلو پاڻ ڪنديون، ڪوبه اتحادي ڪنهن جي چوڻ تي ناهي، چاهيون ٿا ته جمهوريت کي کُلي ڇوٽ هجي. عوام آزاديءَ سان ووٽ وِجهي، 25 مارچ تي مخالف ڌر جڏهن ته 27 مارچ تي حڪومت جو جلسو ٿيندو، 27 تاريخ تي وزيراعظم جي ريلي ڀرپور انداز ۾ هوندي ۽ 27 مارچ تي وزيراعظم سڀ کان وڏي ريليءَ کي خطاب ڪندو. وزيراعظم 10 لک ماڻهن کي ڪال ڏني آهي ۽ يقين آهي ته مخالف ڌر جون جماعتون پڻ پنهنجو جلسو ڪنديون، اسان تي سيڪيورٽي جون ڪافي ذميداريون ??هن?? ملڪ جي سياسي صورتحال لاءِ اسان وٽ نفري بهتر آهي. شيخ رشيد چيو ته ميڊيا جو شڪريو جن اسان کي 10 يا 12 چه??ا ڏيکاريا جيڪي ??نڌ هائوس ۾ لِڪا ويٺا هئا، اهي ماڻهو ڇو لِڪي رهيا ??هن?? جڏهن ته ملڪ جو گهرو ??زير کين چئي رهيو آهي ته ڪجهه به نه ٿيندو، اسان اوهان کي سيڪيورٽي فراهم ڪنداسين، اسان وٽ تمام اڳ اها اطلاع هئي، اسان جا 10-12 ماڻهو ڪٿي ??هن?? منحرف ميمبرن کي اپيل ڪريان ٿو ته واپس اچي وڃن، اوهان کي ري پينٽنگ ڪنداسين، اوهان کي ڪجهه به نه چيو ويندو. ائين نه ٿئي جو وقت گذري وڃي ۽ اوهان پنهنجي تڪن ۾ واپس نه وڃي سگهو، وڊيو ۾ جنهن جو چه??و نظر اچي رهيو آهي عوام ان جو چه??و ڪارو ??ه ڪري، پي ٽي آءِ جا ماڻهو جيڪي 9 يا 12 آهن اهي پنهنجن گهرن کان پڻ پُڇن. وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ ۾ هڪ ئي ليڊر آهي ان جو نالو عمران ??ان آهي، منهنجو تعلق ان جماعت سان نه صرف عمران ??ان سان آهي ۽ شيخ رشيد وزيراعظم عمران ??ان سان چٽان وانگر بيٺل آهي، هارس ٽريڊنگ خلاف سپريم ڪورٽ وڃي رهيا آهيون. سپريم ڪورٽ ريفرنس کانپوءِ عدم اعتماد جي خبر ناهي ڪٿي ويندي. هڪ سوال جي جواب ۾ گهرو ??زير چيو ته شهباز شريف قومي حڪومت جو مشورو ڏئي نواز شريف جي بيانيي کي پٺي ڏئي ڇڏي آهي، جمهوريت کي ڇانگا مانگا مري نه ٺاهيو. شيخ رشيد چيو ته جيڪو ڪجهه ??نڌ هائوس ۾ ٿي رهيو آهي، مان ايمرجنسي ۽ گورنر راڄ جو حامي هئس ۽ ان بابت سمري وزيراعظم کي پيش ڪئي پر فيصلو نه ٿي سگهيو. ??نڌ هائوس ۾ خريد ۽ وِڪرو ??ي رهيو آهي، هن چيو ته ??نڌ هائوس کي اسٽاڪ ايڪسچينج بڻايو ويو آهي، ??نڌ هائوس جي وڊيوز وزيراعظم کي وڏي سپورٽ ڪندي. چور جا پير نه هوندا ??هن?? اراده قتل ڪرڻ وارو ۽ قتل ڪندڙ ٻئي مجرم هوندا ??هن?? اسان ??نڌ هائوس نه پيا وڃون اسان چاهيون ٿا ته معاملو افهام و تفهيم سان حل ٿئي، جمهوريت هڪٻئي جي ڳالهه ٻُڌڻ جو نالو آهي. وزير داخلا طور يقين ڏياريان ٿو ته ڪنهن به شخص لاءِ سيڪيورٽيءَ جو مسئلو نه هوندو، گهرو ??زارت توهان کي يقين ڏياري ٿي ته اسان ??نڌ هائوس ۾ داخل نه ٿينداسين پر اوهان هڪ حد تائين پوليس رکو، وفاقي وزير چيو ته آسٽريليا جي ٽيم جي 4 ميچن کي لاهور منتقل ڪيو آهي، 3000 هزار پوليس صرف آسٽريليا جي روٽس تي لڳائي وئي هئي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ايم ڪيو ايم مان پوري اميد آهي هو وزيراعظم سان گڏ بيهندي. پنجاب ۾ 2 پارٽيون پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ (ن) ليگ وٽ عدم اعتماد جا ووٽ آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته وزيراعظم عمران ??ان اسلاموفوبيا خلاف وڏي ڪاميابي حاصل ڪئي. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن ۽ اتحادين کي چوان ٿو ته وزيراعظم سان گڏ اچن، اسلام آباد عمران ??ان سرخرو ??يندو.
گهرو معاملن واري وفاقي شيخ رشيد احمد جي پريس ڪانفرنس
مضمون کا ماخذ : نمبروں دا میگا سینا