اسلام آباد – 10 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پاڪستان ۽ خطي جي لاءِ محفوظ، مستحڪم ۽ پرامن افغانستان جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آهي ته افغانستان ۾ بدلجندڙ حقيقت سان عال??ي برادري جي موقف ۾ پڻ تبديلي جي ضرورت آهي، افغان عوام جي ڀلائي اولين ترجيح هجڻ گهرجي. اها ڳالهه هن پاڪستان جي دوري تي آيل ا??پي?? جي پرڏيهي وزير جوزي مينوئل البرس بوئنيو سان ڳالهائيندي چئي جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم پاڪستان ۽ خطي جي لاءِ محفوظ، مستحڪم ۽ پرامن افغانستان جي اهميت تي زور ڏنو ۽ چيو ته افغانستان ۾ بدلجندڙ حقيقت سان عاليم برادري جي موقف ۾ به تبديلي جي ضرورت آهي. هن زور ڏنو ته افغان عوام جي ڀلائي اولين ترجيح هجڻ گهرجي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته افغان عوام جي انساني ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۽ ملڪ جي معاشي استحڪام کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ فوري قدمن جي ضرورت آهي. وزيراعظم عال??ي برادري جي مثبت انگيجمينٽ تي زور ڏنو ته جيئن اهو يقيني بڻائي سگهجي ته افغانستان ۾ سيڪيورٽي جي صورتحال مستحڪم ٿئي، امن برقرار رهي ۽ ڪنهن به وڏي پئماني تي هجرت کي روڪي سگهجي. ا??پي?? جي پرڏيهي وزير سفارتي مشنز ۽ عالمي ادارن جي شهرين ۽ اهلڪارن جي انخلا ۾ سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيو. وزيراعظم ان سلسلي ۾ پاڪستان جي مسلسل حمايت جو يقين ڏياريو. ٻطرفن لاڳاپن جي حوالي سان وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته پاڪستان ا??پي?? لاڳاپا سمورن شعبن ۾ مضبوط ٿيندا رهندا. وزيراعظم ا??پي?? ۾ رهندڙ پاڪستانين جي مثبت ڪردار پڻ ساراهيو.
افغانستان ۾ بدلجندڙ حقيقت سان عالمي برادري جي موقف ۾ پڻ تبديلي جي ضرورت آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : بہت سے نتائج